لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  چيو آهي ته حڪومت ملي ته پاڪستان کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيندس، هاڻ پنجاب ۾ ويهي سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس، انوکي لاڏلي جي پاليسين ڪري مهانگائي آهي. آصف زرداري سان پ پ عهديدارن بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو ته پاڪستان کي 110 ڊگري تبديل ڪندس، انشاءَالله ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي، مڪمل شيئر وٺنداسين. هن چيو ته هاڻ پنجاب ۾ ويهندس ۽ سڀني سان گڏجي ڪم ڪندس، اهو چوڻ ته پنجاب، گلگت بلتستان ۾ پ پ ختم ٿي وئي نسورو ڪوڙ آهي، اسان پنهنجي سياست ڪمزور ڪري پاڪستان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، انوکي لاڏلي جي چئن سالن جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي. سندس چوڻ هو ته اهي اسان جي ڪٿي ٿا ٻڌن، جڏهن ضرورت پوندي آهي تڏهن ٻڌندا آهن، پنجاب ۾ ويهڻو آهي ۽ ڪارڪنن کي عزت ڏيڻي آهي. ماڻهن کي خبر پوڻ گهرجي ته پ پ جو صدر گلبرگ ۾ ويٺو آهي.