نوان جتوئي(ن پ ا) جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي سائره بانو ڪليم الله وساڻ نوان جتوئي پهتي سائره بانو وساڻ مرتضيٰ جتوئي جي گهر واري نوين جتوئي سان اظهار يڪجهتي ڪئي، سائره بانو وساڻ نوين جتوئي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي پيپلزپارٽي هاڻي قبضا مافيا جي پارٽي ٿي چڪي آهي پوري سنڌ ۾ قبضا ڏاڍ ۽ زبردستي هلي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت جتوئي برادري جي زمينن تي قبضا ڪرڻ چاهي ٿي انهي ڪري ڪاروايون ٿي رهيون آهن مونکي ته افسوس ٿو ٿئي هن پوليس تي جيڪي 70 سالن جي پيرسن تي ڦر جو ڪيس داخل ڪري پوليس جي ڪردار تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي سائره بانو ڪليم الله وساڻ چيو ته جي ڊي اي سربراهه پير پاڳارا جي هدايتن تي نوان جتوئي پهتي آهيان چورن لٽيرن خلاف هاڻي تحريڪ هلائي ويندي جلد پير سائين پاڳارا جي اڳواڻي ۾ اجلاس ٿيندو.