حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ڪندڙن خلاف انتقامي ڪارروائين جي مذمت ڪندي چيو آھي ته پ پ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آھي. حڪمرانن کي ياد ڪرڻ گھرجي ته سنڌ جي ماڻھن کي ڪيسن ء گرفتارين سان جھڪائي نٿو سگھجي. سنڌو درياھ اسان جي جياپي جو ذريعو آھي. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينن جو سودو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. کپرو، ڪنڌڪوٽ، مورو، ملير، ٻٻرلوء ۽ ٻين علائقن ۾ سماجي اڳواڻ شھناز شيخ، ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪندڙ ڊاڪٽر اعجاز مگسي، ماني پھچائيندڙ نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻھن مٿان منشيات، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪوڙا داخل ڪرڻ بند ڪيا وڃن. داخل ڪيل ڪوڙاڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن. هن چوي ته سڄي سنڌ بيدار ٿي چڪي آھي. حڪمرانن جو ڪو به دوکو نه ھلندو. ھاڻ اھو ٿيندو جيڪو سنڌ چاھيندي. ڪو به ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون تين وال ٿيڻ نه ڏينداسين. ھن چيو ته پنجاب ڌاڙيل واھن ٽي پي لنڪ ڪئنال ۽ سي جي لنڪ ڪئنال کولي لکين ايڪڙ ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪري رھيو آھي. فوري طور تي ڌاڙيل واھ بند ڪري سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ بند ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڏڪار واريون حالتون آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.