پٿورو: چونڊيل نمائندن جي 5 سالا ڪارڪردگي تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي پٿورو جي مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي نائب صدر فقير خضر حيات مڱريو چيو ته گذريل 15 سالن کان پ پ  دور حڪومت ۾ پٿوري جي حالت اڳ کان به خراب ٿي، شھر صحت تعليم سميت سڀني کاتن جو حال تمام خراب آھي پيئڻ جي پاڻي سميت ڪا به سهولت شھرين کي ميسر نه ٿي سگهي تعليم جي وزير جو تڪ هئڻ باوجود هتي جي اسڪولن جي حالت خراب آھي عمارتون تباھ حال آھن تڪ جو عوام سهولتون نه هئڻ سبب پريشان حال آھي هن وڌيڪ چيو ته هتان جي عوام کان ووٽ وٺڻ باوجود چونڊيل نمائندن وري ڪڏهن به عوام ڏي واپسي ناهي ڪئي هن چيو ته پٿوري تڪ تان سيد سردار شاھ سان منهنجو وڏو ڀاءُ فقير جادم منڱريو ٻه ڀيرا مقابلو ڪيو آهي انشا الله پير سائين پاڳاري ٽڪيٽ ڏنو ته مخالف اميدوار خلاف ڀرپور نموني اليڪشن ۾ حصو وٺندس ۽ پٿورو تعقلي جي عوام جي ساٿ سان ئي مخالف اميدوار کي شڪست ڏينداسين.