حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، نور نبي پليجي ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سو سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي، جيڪو موجوده حڪومت جي نااهلي ۽ سنڌ دشمن پاليسين جو واضح ثبوت آھي. سنڌ ۾ موجودہ هٿرادو پاڻي جي کوٽ جي ڪري 80 لک ايراضي تي بيٺل فصل لاءِ پاڻي جو سو سيڪڙو گھٽ ٿي وڃڻ سنڌين جو معاشي قتل آھي ۽ ان صورتحال جي باوجود وفاق ۽ پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌو درياھ مان ڇھ ڪينال ڪڌڻ سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي ڪرڻ برابر آھي جيڪو عمل نه صرف انٽرنيشنل قانون پر انسانيت جي به خلاف آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ سنڌ پاڪستان جي معيشت ۾ ٻين صوبن کان وڌيڪ حصو ڳنڌيندڙ صوبو آھي پر وفاق طرفان مسلسل سنڌ جي منصوبن جو پيسا پنجاب جي ترقي تي لڳائڻ ۽ سکر کان حيدرآباد موٽر وي کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاء ساھيوال کڻي وڃڻ حڪمرانن جي ٻهروپي کي ثابت ڪري ٿو. ٻئي طرف ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ۽ سينيئر صحافي زاهد راڄپر تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته حڪمرانن ملڪ کي مڪمل طور تي لاقانونيت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هڪڙي پاسي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ وڪيلن تي قاتلاڻا حملا ڪرائي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عامر نواز وڙائچ ۽ سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ زاهد راڄپر تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن.