سانگهڙ (رپورٽر) پ پ جي ريلي ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ ڳالهائيندڙ ناظم شر مٿان سانگهڙ ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن کي سانگهڙ جي عدالت با عزت بري ڪري ڇڏيو، ناظم شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان غريب مسڪين آهيان، کير کپائي ٻچڙن جو گذر سفر ڪندو آهيان، پ پ جو ڪارڪن آهيان، پيپلزپارٽي جي ريلي ۾ پيپلزپارٽي جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي عمران خان لاءِ چيو ته عمران خان سٺو ماڻهو آهي، جنهن تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ڪاوڙ لڳي ۽ مون مٿان ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جيڪو عدالت انصاف ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي.