پ پ جي خاموشي به ته رضامنديءَ ۾ شمار آهي!

0
26
بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

هي ملڪ ڄڻ ته ٺهيو ئي آءِ ايم ايف لاءِ هجي، عوام ان ۾ ‘خواهه مخواهه’ آهي. ايئن ته سامراجي گماشتا به ناهن ڪندا، جيئن هتي جا حڪمران عوام سان ڪري رهيا آهن. “ڊفالٽ- ڊفالٽ” جو خوف ڏيئي ‘سخت فيصلن’ جي نالي ۾ عوام جو رت ست نپوڙيو پيو وڃي. عوام جي نڙيءَ تي مهانگائي جي ڳؤري بوٽ جي لت ڏني وئي آهي ۽ عالمي مالياتي اداري جي فرمائش آڌار ان لت جو زور ۽ بار وڌندو رهي ٿو. هن ڀيري به وفاقي حڪومت نئين مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ عالمي مالياتي اداري جي “مشاورت” سان تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي اهڙي خاطري لکت ۾ ڪرائي ڇڏي آهي. اهي پڻ خبرون آهن ته عالمي مالياتي اداري سان ڳالهين لاءِ وفاقي حڪومت طرفان ڀاڻ، سي اين جي، سيمينٽ ۽ گهرو استعمال جي گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن ملڪ ۾ اقتدار جي ميوزيڪل چيئر (راند) جاري آهي ۽ اقتدار جي مسند ماڻڻ لاءِ سياستدان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن. انهن جي ڪوشش آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي هما پکيءَ جو پاڇو سندن سر تي پوي. عوام جي ڪنهن کي به پرواهه نه آهي، انهن کي به نه، جيڪي طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏيندا هئا. اهي سڀ عوام کي اقتدار تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ ته سمجهن ٿا پر عوام کان اها توقع رکن ٿا ته اهي ووٽ ڏيڻ جي نيڪي ڪن ۽ ويسر جي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏين. جيئن سپهه سالارن کي بنگال جي صرف زمين گهربل هئي، ايئن هتي جي سياستدانن کي عوام جو صرف ووٽ گهرجي. هن وقت صنعتي ۽ سرمائيدار ملڪن جي استحصالي ايجنڊا تي عمل ڪرائيندڙ آءِ ايم ايف هن ملڪ جي حڪمرانن کان بجيٽ ٺاهڻ جا اختيار به کسي ورتا آهن. اسان “زنده ۽ پائنده” قوم آهيون، اسان خود مختيار ۽ غيرتمند قوم آهيون، اسان ائٽمي قوت آهيون پر اسان جي مرضي جون مهارون آءِ ايم ايف وٽ آهن. آءِ ايم ايف اهي ئي شيون مهانگيون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ٿو، جنهن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي. عام ماڻهو مفلسي جي تحت الثريٰ ۾ هليو وڃي. آءِ ايم ايف واقعي به چاهي ٿو ته پاڪستان حڪومت خسارو گهٽائي ته ان لاءِ حڪمرانن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن کي ملندڙ مراعتون ختم ڪرڻ جو شرط ڇو نٿو رکيو وڃي؟ پر ان جو مارو رڳو مسڪين ماڻهن تي آهي.

غربت ۽ مهانگائي سبب حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون وڃن. ماڻهن لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. خودڪشيون وڌنديون وڃن. جڏهن به زندگيءَ جي اذيت موت کان سرس ۽ سوائي ٿي وڃي ته ماڻهو موت کي زندگيءَ تي ترجيح ڏيڻ لڳن ٿا. توڙي جو خودڪشي کي ڪنهن به تشريح ۽ تاويل سان جائز قرار نٿو ڏيئي سگهجي، هتي صرف اهو ٻڌائڻ مقصود آهي ته زندگي ڪيڏي نه ڏکي ۽ اذيتناڪ بڻائي وئي آهي. ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي. الميو اهو آهي ته ايڏي ظلم ۽ جبر باوجود سياستدانن مان ڪوبه عوام جي سرواڻي ڪرڻ ۽ ان جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. اهي به نه، جيڪي پاڻ کي عوام جا فڪري سرواڻ سڏائين ٿا. جهڙوڪ: ساڃاهه وند، دانشور، سول سوسائٽي وغيره. ايتريقدر جو کاٻڙوٽي سياست ڪندڙن به عوام کي هنن حالتن ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. ياد رکو ته عوام ۾ قصرِ شاهي جا ڪلس ۽ ڪنگرا ڪيرائڻ جيترو ست موجود آهي. عوام کي نان اشوز ۾ الجهائي حقيقي مسئلن کان ڪيترو پري رکيو ويندو! ڇا هي ملڪ ٺهيو ئي ان لاءِ آهي ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي عمل ڪري عوام جو رت ست نپوڙيو وڃي؟ حڪمرانن ٽولن کي هن ملڪ ۽ عوام تي آخر رحم ڇو نٿو اچي؟ کڻي عوام جي دٻاءُ تي بجيٽ ۾ ڪو معمولي رليف به ملي پر انتظام اهڙو ڪيو ويندو آهي جو حڪمران هڪ هٿ سان ڏيئي ٻئي هٿ سان واپس وٺي وٺندا آهن.

اسان حڪمرانن کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته ملڪ کي عالمي مالياتي اداري جي فرمائش تي هلائڻ بدران عوام جي مفاد ۾ پاليسيون جوڙيون وڃن. ڊفالٽ ۾ به اها حالت نه ٿئي ها، جيڪا حڪمرانن هن وقت عوام جي ڪئي آهي. نواز ليگ جي وفاقي حڪومت عوام تي ستم جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي ۽ ان جا اتحادي، خاص طور تي پيپلز پارٽي ان ظلم تي خاموش آهي ۽ خاموشي جي ڳڻپ به رضامندي طور ٿئي ٿي.