ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ رٿيل جلسي جي تيارين کي آخري شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد شاهه، پ پ اڳواڻ مخدوم جميل الزمان، پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ضياءُ الحسن لنجار، علي حسن زرداري، محمد علي ملڪاڻي، قاسم نويد، سھيل انور سيال، رفيق جمالي،  شفقت شاهه شيرازي، رياض شاهه شيرازي، سڪندر شورو، پير مجيب ۽ راول شرجيل ميمڻ. شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ 18 اپريل تي حيدرآباد جي هٽڙي گرائونڊ تي  رٿيل جلسي جي تيارين ۽ انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ڊويزن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ جلسو شام 6 وڳي هٽڙي گرائونڊ ۾ ٿيندو، جيڪو سنڌو درياءَ تي جاري منصوبن خلاف عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو. سنڌ جو ٻچو ٻچو بلاول ڀٽو زرداري جي سڏ تي لبيڪ چئي جلسي ۾ شرڪت ڪندو.فريال ٽالپر واضح ڪيو ته ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ بنجر ٿي ويندي. پيپلز پارٽي سنڌو درياءَ تي ڪنهن به قسم جي انجنيئرنگ کي تسليم نٿي ڪري