ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ جو يوسي چيئرمين ڪراچي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل، پوليس موجب اورنگي ٽائون جي گلشن ضياءُ ۾ پيپلزپارٽي جو يوسي چيئرمين عامر ڀٽو پنهجي آفيس ۾ ويٺل هو، موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي ، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، عامر اسپتال نيئڻ دوران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو ،پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو لڳي پيو، واقعي واري هنڌان پنج خول هٿ ڪيا ويا آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪري واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي، اطلاع تي پ پ جا اڳواڻ وڏي تعداد ۾ عباسي شهيد اسپتال پهچي ويا، لاش ضابطي جي ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو .