پ پ جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر لاڏاڻو ڪري ويو

0
17
پ پ جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر لاڏاڻو ڪري ويو
پ پ جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر لاڏاڻو ڪري ويو. سينيٽر تاج حيدر جي گهر ڀاتين تصديق ڪندي چيو ته خانگي اسپتال ۾ داخل تاج حيدر مختصر علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو، تاج حيدر پيپلز پارٽي جي باني اڳواڻن مان هڪ هو، جنهن ڊگهي عرصي تائين پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون. تاج حيدر 8 مارچ 1942ع تي  راجستان جي علائقي ڪوٽه جي علمي گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد پروفيسر قرار حسين ميرٺ ڪاليج ۾ انگريزي ادب جو استاد هو، جيڪي 1948ع ۾ پاڪستان لڏي آيو، تاج حيدر پنهنجي ابتدائي تعليم ڪراچي جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رڻڇوڙ لائينز مان حاصل ڪئي، انٽرميڊيئيٽ خيرپور ڪاليج سنڌ مان ڪئي، 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان بي ايس سي آنرز ڪرڻ بعد رياضي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي، 1967ع جي سوشلسٽ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندي، تاج حيدر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو،تاج حيدر پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ٻه ڀيرا سينيٽر چونڊجي چڪو هو، 2013ع ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت پاران ميڊيا ڪوآرڊينيٽر به مقرر ٿيو. تاج حيدر جي لاڏاڻي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن علي حسن زرداري، سردار شاهه، وقار مهدي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي.