اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جون انٽرا پارٽي چونڊون مرڪزي سيڪريٽريٽ، اسلام آباد ۾ ٿيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل اليڪشن ڪنوينر فوزيه حبيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پارٽي جي آئين موجب هيٺيان عهديدار چئن سالن لاءِ چونڊيا ويا آهن. جن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جنرل سيڪريٽري همايون خان. سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل گوندل (چن)، سيڪريٽري فنانس آمنه پراچا شامل آهن.