واشنگٽن: ڪشمور ضلعي مان چونڊيل پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي شڪارپور جي ايم اين اي شهريار مهر پوليس آپريشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي فوج جي آپريشن جو مطالبو ڪيو آهي. وي او اي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون هر هر چيو آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ پوليس سان گڏ فوج ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي، ڌاڙيلن وٽ راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا جديد هٿيار آهن جڏهن ته پوليس وٽ ڪٽ چڙهيل هٿيار آهن. اها ڳالهه درست آهي ته ڌاڙيلن وٽ يرغمال اڪثر شهري ڀنگ ڀري آزاد ٿيندا آهن جيڪڏهن شهري مقابلي ۾ بازياب ٿيندا آهن ته ڪو ڌاڙيل مرڻ به ته گهرجي. وڏي وزير، گهرو وزير ۽ آءِ جي کي چئي چڪو آهيان ته مسئلو حل نه ٿيڻ تي مايوس آهيان. هن چيو ته ڌاڙيل سوشل ميڊيا تي اچي پوليس کي ڌمڪائي رهيا آهن ۽ سرعام چئي رهيا آهن ته اسان ڀنگ ورتو آهي. ٻئي طرف شڪارپور مان چونڊيل پ پ ايم اين اي شهريار خان مهر چيو ته شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف حقيقي آپريشن نه پيو ٿئي. جيڪڏهن آپريشن ٿي رهيو آهي ته اهو نظر ڇو نه پيو اچي. اسان بيوس آهيون.