ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر خليل سڪندر کھڙو  پي ٽي آءِ  ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي صلاحڪار فياض ٻٽ، ايم اين اي رفيق جمالي، ايم پي اي عزيز جوڻيجو، شجيلا لغاري ۽ ڪلثوم چانڊيو  موجود هئا.  دادو ضلعي جي پ پ ۾  شامل ٿيندڙ قبيلن کي ڀليڪار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي، اسان عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سندس قيادت تڪليفن ۾ غريب عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل سڪندر چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سياسي مخالف هئڻ باوجود هميشه اسان جي عزت ڪئي آهي تنهنڪري آئون  پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيو آهي.