مٽياري: سياسي سماجي اڳواڻ رحمت ﷲ ترڪ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي اربين ڪروڙن جو اسڪيمون ڪاغذن ۾ ڏيکاري وڏي ڪرپشن ڪئي، عوام لاءِ ڪي به ڪم نه ٿيا، تعليم، صحت، انفا اسٽرڪچر، ڊولپمينٽ، روڊ، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ڪو اهڙو کاتو ڪونهي جنهن ۾ ڪرپشن نه ٿي هجي، وڏو اسڪينڊل جيڪو ضلعي مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ ٿيو جنهن ۾ به وفاقي پئسا سي پيڪ جا پئسا به هڙپ ڪري ويا، جن پئسا کاڌا جن جي حصي ۾ پئسا آيا آهي آزاد گهمن پيا رڳو چنڊ آفيسرن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي عوام اهو ئي مطالبو آهي ته سنڌ جو عوام هاڻ تبديلي چاهي ٿو ته جئين عوام جو نصيب کلي سگهي، اهو لازمي آهي ته هن ڀيري واري اليڪشن عوام ووٽ ذريعي تبديلي آڻيندو ته جئين اونداهي دورو خاتمو آڻي سگهي، نظام عرف بابو خاصخيلي جو چوڻ هو ته مٽياري ضلعي ۾ به پ پ جي حڪومت رهي آهي پر ان ضلعي کي نظرانداز ڪندي ضلعو ٺيڪيدارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڪي به ميگا پراجيڪٽ ضلعي ۾ نه ٿي سگهيا آهن، ضلعي جي نوجوانن لاءِ نه ڪو راندين ميدان ڏنو ويو آهي نه ئي بهتر تعليم ملي ٿي نه صحت جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، منٺار پنهور جو چوڻ آهي ته پ پ کي مينڊينٽ مليل آهي پر چونڊيل نمائندا ڊليور ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيا آهن، حسنين ساند چيو آهي ته سنڌ جي تعليم جو معيار هيٺ ئي آهي پر گذريل 15 سالن ۾ جيتري ھيٺ آئي آهي، پيپلزپارٽي جو جيڪو نعرو آهي روٽي ڪپڙا مڪان ان ئي اسانکي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ضلعي سميت اندر ڪٿي به صحت جون سهولتون ناهن، سنڌ جي سڀني ضلعن کان ضلعو مٽياري سڀ کان پوئتي پيل آهي، هتي ڪاليجن ۾ لائبريري ئي ناهي اسان ووٽ ڏيڻ کان خائف آهيون، بشير عمراڻي ضلعي اندر ڪيترا ئي نوجوانن بيروزگار ويٺل آهن ضلعي ۾ سون جي تعداد آئل اينڊ گئس فيلڊ موجودھ آهن پر مقامي ماڻهن کي نظرانداز ٿيل آهن، هتان جا نمائندا ووٽ وٺڻ بعد کانپوءِ نظر ئي نه ايندا آھن ۽ ٻين شهرين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتالون بند پيل هونديون آهن، ڪا به سهولت ناهي، ڊاڪٽر گهر ويٺي پگهار پيا کڻن.