اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي پي پي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر پاڪستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران صوبن ۾ ترقياتي فنڊ منجمد ڪرڻ جو حڪم انهن غريبن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ ڌڪيندو جيڪي پنهنجي بجلي جو بل ادا نه ٿا ڪري سگهن، جن لاءِ ٻوڏ جي تباهي کان پوءِ گهرن جي تعمير تمام ضروري آهي ۽ انهن غريبن جي بجيٽ تي پابندي لڳائڻ انتهائي ظالماڻو فيصلو آهي، خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري ان ڳالهه جا گواهه آهن ته چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن متفقه طور تي چيو هو ته نگران حڪومت کي بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان کي ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته خود اليڪشن ڪميشن ئي اهو غيرقانوني ۽ غير آئيني قدم کڻندي، خط ۾ چيو ويو ته جاري ترقياتي اسيڪمين جي فنڊن کي فوري طور تي غير منجمد ڪيو وڃي.