ڄام نواز علي (ن پ ا) سنڌ جي معتبر سياستدان مرحوم ڄام مدد علي خان جي  چوٿين ورسي  سندس آخري آرام گاھ درگاه شاھ محمد شاھ تي  سادگي سان ملهائي وئي، ڄام خاندان جي سربراهه ڄام ذوالفقارعلي ، پ پ پ ايم پي اي  ڄام شبير علي ، ضلعي سانگهڙ جو وائيس چيئرمين ڄام ظھير علي ، ڄام نظام علي  ڄام نجف علي، سردار چاڪر خان ملوکاڻي، رئيس عابد حسين ڪلوئي ، اسماعيل ڳاھو، مير خان کوسو،  امام بخش جوڻيجو، آصف وڙائچ، راڻا محمد علي راجپوت، ڊاڪٽر اسلم آرائين، پير بخش جوڻيجو ۽ ٻين مرحوم ڄام مدد علي خان جي آخري آرام گاھ تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گهري،  چادر چاڙڻ دوران پ پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي ڳالهائيندي چيوته ڄام مدد علي جون عوامي خدمتون اڄ به تڪ جي عوام ۽ سندس راڄ ڀاڳ سان آھن  ڀاءُ ڄام مدد علي جي ڇڏيل عوامي خدمت واري مشن کي اسان اڳڪٿي وڌائينداسين.