اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر به سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته اعظم سواتي جي گرفتاري مذمت جوڳي آهي، اعظم سواتي پاران سندس تذليل بابت الزام انتهائي سنگين آهن ۽ نظر انداز نه ٿا ڪري سگهجن، اهڙا بدقسمت واقعا ايندڙ وقتن ۾ به اسان کي ستائيندا رهندا، تبديلي خواب آهي، رڳو ڪردار تبديل ٿيا آهن.