ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ يونين ڪائونسل وارياسو جي ڳوٺ ڪڏڻ ۾ پ پ جي مقامي جيالي انيس رحمان جکراڻي پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ايس 9 ڳڙهي ياسين جي صوبائي تڪ تي پ پ اميدوار آغا سراج دراني کان ڳوٺ جي روڊ ۽ برسات دوران مدد نه ڪرڻ واري سوال جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ورڪر آغا سراج دراني کي معيارون ڏئي رهيو آهي ته ڏکي وقت ۾ اوهان مدد نه ڪئي، ان جي جواب ۾ آغا سراج دراني کيس چوي پيو ته مان پنهنجي تڪ ۾ برسات دوران هر ممڪن مدد ڪئي ۽ جيل ۾ هجڻ سبب روڊ نه ٺهرائي سگهيس ۽ حڪومت اسانجي نه هئي مان کيسي مان روڊ ڪڍي ڪيئن وڇايان ها ان تي ورڪر کيس جواب ڏئي ٿوته اوهان ٻين هنڌن تي ويا پر اسان ڏي نه آيا. اهڙي ڳالھ ٻولھ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئ آهي.