پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ جي پريشانيءَ ۾ اضافو

0
27

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

نيب سکر طرفان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ، قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ وارو ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس احتساب عدالت سکر ۾ داخل ڪرايل آھي. اڍائي سالن کان خورشيد شاھ جيل ۾ آهي، ٽي مھينا اڳ احتساب عدالت سندس فرزند سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر فرخ شاھ جي ضمانت واري درخواست به رد ڪري ڇڏي ۽ کيس گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان سيد خورشيد احمد شاھ ۽ سندس فرزند جي گرفتاري خلاف پوري پاڪستان ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا. ڊويزنل حب سکر ۾ ضلعي سطح تي پ پ پاران پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. جنھن ۾پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاھ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، خورشيد شاھ جي فرزند زيرڪ شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪندي چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ عيوض خورشيد شاھ کي سزا ڏني پئي وڃي، سمورن سياسي جماعتن جي اڳواڻن جون ضمانتون ٿيون آھن، حڪومت چمچن کي آزاد ڪري ٻاھر اماڻي رھي آھي، پر خورشيد شاھ کي مسلسل ٻن سالن کان ناحق قيد رکيو ويو آھي. خورشيد شاھ جي گرفتاريءَ کان پوءِ پھريون ڀيرو وڏي پئماني تي پ پ طرفان سندس آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا، جنھن جو شاھ خاندان لاءِ مثبت نتيجو اچڻ بجاءِ ويتر پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو. مظاھرن، ڌرڻن واري ڏينھن يعني 07 سيپٽمبر رات جو احتساب عدالت سکر طرفان پڌرائي جاري ڪندي خورشيد شاهه جي ننڍي پٽ زيرڪ شاهه جي ريفرنس مان نالو خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته زيرڪ شاهه ريفرنس ۾ اهم جوابدار آهي سندس اڪائونٽس مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيشن ٿي آهي، زيرڪ شاهه ڪيس کي احتساب عدالت ۾ منهن ڏي. پيپلز پارٽيءَ طرفان اھڙي پڌرائيءَ کي احتجاجي مظاھرن ۽ ڌرڻن جو رد عمل ظاھر ڪيو ويو. خورشيد شاھ مختلف وقتن ۾ پنھنجي گرفتاريءَ متعلق چوندو آيو آھي ته نيب پھريان مٿس 500 ارب روپيا ڪرپشن جو الزام مڙھيو ھاڻي وڃي ھڪ گھر تي پھتو آھي، مون مٿان لڳايل ڪو الزام نيب ثابت ناھي ڪري سگھيو، اِن باوجود کيس مسلسل قيد ڪيو ويو آھي. مون کي عوام جي حقن لاءِ جنگ وڙھڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.

پ پ اڳوڻ سيد خورشيد احمد شاھ جي مسلسل ٻن سالن کان علاج ھيٺ ھجڻ خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سيد طاھر شاھ (عام چونڊن ۾ خورشيد شاھ سامھون اليڪشن وڙھندڙ) طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل  ڪرايل آھي. عدالت ٻڌڻين دوران جيل ۽ اسپتال انتظاميا کان سخت سوال پڇاڻا پڻ ڪري چڪي آھي ته ڪھڙا قيدي آھن جن کي خورشيد شاھ وانگر سھولتون ڏنيون پيون وڃن. خورشيد شاھ جي گرفتاريءَ کان وٺي ھن وقت تائين نيب شاھ خاندان جو گھيرو تنگ ڪندي پئي اچي، مختلف وقتن تي وڏي سياسي قيادت جون اِن قسم جي ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيون جنھن کي خورشيد شاھ جي حامين طرفان ضمانت جي راھ ھموار ٿيڻ سمجھيو ويو پر ڏينھون ڏينھن خورشيد شاھ جي خاندان جو گھيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي، پھريان خورشيد شاھ کي گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ سندس فرزند فرخ شاھ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ھاڻي وري خورشيد شاھ جي فرزند زيرڪ شاھ طرفان ريفرنس ۾ بريت واري درخواست کي رد ڪيو ويو آھي. پر خورشيد شاھ ھميشا جيان پر اميد آھي ته حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي ۽ بيگناھ ثابت ٿي عوام جي ھڪ ڀيرو ٻيھر خدمت ڪندو. جنھن متعلق وقت کان اڳ ڪجھ به نٿو چئي سگھجي، ڏسجي ته نيب خورشيد شاھ خلاف داخل ڪرايل ريفرنس ۾ لڳايل الزام ثابت ڪري ٿي يا وري خورشيد شاھ جون ڳالھيون صحيح ثابت ٿين ٿيون، اِن جو فيصلو احتساب عدالت سکر ڪندي.