سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) خورشيد احمد شاھ کانپوءِ نيب سکر سندس پٽ ايم پي اي فرخ شاھ کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ايم پي اي فرخ شاهه احتساب عدالت سکر جو جج فريد انور قاضي موڪل تي هجڻ ڪري پاڻ کي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سکر مصباح الدين ڦلپوٽو جي عدالت ۾ پيش ٿي گرفتاري ڏني .، ان دوران وڪيلن عدالت کي درخواست ڏني ته ايم پي اي فرخ شاهه نيب سان تعاون ڪيو آهي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، ريفرنس به داخل ٿيل آهي، ھاڻي رمانڊ جو جواز نه ٿو رھي، تنھن ڪري کيس جيل حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ملڪ محمد زبير جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جوابدار فرخ شاهه کي نيب جي جاچ ٽيم آڏو گرفتاري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، فرخ شاھ پنھنجي گرفتاري نيب کي ڏي ھا جنھن بعد نيب کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻو ھو پر فرخ شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، نيب جي وڪيل موجب فرخ شاھ جاچ ٽيم سان جاچ بابت سهڪار نه ٿو ڪري جاچ ٽيم فرخ شاهه کان جاچ ڪرڻ چاهي ٿي جاچ ۾ وڌيڪ اهم ڳالهيون سامهون اچي سگهن ٿيون ان ڪري فرخ شاهه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيب کي اجازت ڏني وڃي، عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد ايم پي اي فرخ شاهه کي جيل يا نيب حوالي ڪرڻ بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. جيڪو ڪجهه دير بعد ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مصباح الدين ڦلپوٽو جي عدالت ايم پي اي فرخ شاهه جي وڪيل جي درخواست رد ڪندي نيب کي ايم پي اي فرخ شاهه کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن بعد نيب عدالتي احاطي مان پ پ ايم پي اي فرخ شاهه کي گرفتار ڪري ورتو عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته ٻن ڏينهن بعد فرخ شاهه کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.