ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر کي درگاهه عبدالله شاهه غازي جي اڱڻ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، انهي کان اڳ ڊفينس فور جي امام بارگاهه ۾ ٿيل جنازي نماز ۾ وڏي وزير مراد شاهه، گورنر ڪامران ٽسوري سميت صوبائي وزيرن، سياسي اڳواڻن سوڌو مختلف شخصيتن شرڪت ڪئي ، تاج حيدر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل رات ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، ھوڏانھن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 3 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي . ٻئي طرف جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف ۽ سيڪريٽري اطلاعت مجاهد چنا پيپلزپارٽي جي سينئر رهنما تاج حيدر جي وفات تي دلي رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت، درجا بلند ۽ پسماندگان لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. ھوڏانھن ملي يڪجہتي ڪاؤنسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا سدالله ڀٽو پڻ سينيٽر تاج حيدر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.