ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان اياز مهر مبينه طور لاپتا ٿي ويو، پ پ اڳواڻ اياز مهر پراسرار نموني گم ٿي ويو، اياز مهر جي خانداني ذريعن سندس لاپتا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. خانداني ذريعن موجب اياز مهر گذريل رات ڪالا پل واري علائقي کان ڀاءُ جي گهر وڃي رهيو ته گم ٿي ويو سندس آخري لوڪيشن ٽول پلازا وٽان آئي. خانداني ذريعن موجب اياز مهر جي گمشدگي جي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خانداني ذريعن موجب شڪ آهي ته اياز مهر کي کنڀيو ويو آهي. ٻئي طرف 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اياز مهر جو پتو نه پئجي سگهيو ۽ نه ئي ڪنهن اداري کيس حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪئي آهي ٻڌايو پيو وڃي ته اياز مهر پ پ ايم اين اي سردار محمد خان مهر جو ويجهو رشتيدار آهي. ٻئي طرف اياز مهر جي ڀاءُ چڪ جي چونڊيل چيئرمين ڊاڪٽر نويد مهر اعلان ڪيو آهي ته اياز کي بازياب نه ڪيو ويو ته اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي سنڌ پنجاب ٽرانسپورٽ بند ڪنداسين، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي.