حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مولا بخش چانڊيو اڳوڻي وزير اعظم ۽ سينيٽ چئيرمين يوسف رضا گيلاني جي سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاھڻ جي حمايت ۾ ڏنل بيان کي رد ڪري ڇڏيو آھي، ھن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته يوسف رضا گيلاني پارٽي جو سينيئر اڳواڻ آھي پر سندس موقف پ پ جو موقف ناھي پارٽي جو موقف صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌو درياءَ تي ڪئنالن خلاف آھن. پ پ سنڌ جي صدر جي حڪم تي احتجاج ڪري رھيا آھيون. پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو سڄي سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رھيو آھي اسين سمورا سنڌ واسي ۽ پ پ سنڌ ڪئنالن خلاف آھي يوسف رضا گيلاني جو ڪئنالن جي حمايت ۾ جيڪو بيان ڏنو آهي اھو سندس موقف ٿي سگهي ٿو پر پ پ جو موقف ناھي.