مٽياري(رپورٽ: ڪامران ميمڻ) ايندڙ مهيني 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ مٽياري ضلعي ۾ ٻن حريف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ۾ جهيڙا ٿيندا، جڏهن ته جمالي برادري جي مختلف ڌرين ۾ به تڪرار هلندڙ آهن جنهن ڪري انهن علائقن جي پولنگن تي به امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن ڪري اتي سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ پ پ جا اڳواڻ پارٽي ڇڏي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويا آهن جنهن ڪري اتي به رتوڇاڻ يا ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. پنهنجي اخبار مٽياري ضلعي ۾ ايندڙ چونڊن بابت رپورٽ هٿ ڪري ورتي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي اندر ڇو پولنگون حساس قرار ڏنيون ويون آهن. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي جو امڪان آهي جنهن ڪري مٽياري جي محمد دائود ميمڻ اسڪول، محمد علي شاهه ڄاموٽ گرلز ڊگري ڪاليج، گرلز هاءِ اسڪول، شير محمد ٺوڙها جي بوائز هاءِ اسڪول، مخدوم پني لڌو بوائز پرائمري اسڪول هالا، گرلز پرائمري اسڪول طالب الموليٰ ڪالوني هالا، گرلز پرائمري اسڪول مخدوم سعيد الزمان، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا، شاهه محمد ڏاهري پرائمري اسڪول، حاجي حسن ڳاهوٽي گرلز پرائمري اسڪول، قاسم ٻگهيو بوائز پرائمري اسڪول، هالا پراڻا ۾ بوائز هاءِ اسڪول شهيد اسلم ميمڻ، گرلز هاءِ اسڪول مخدوم محمد صالح ڀٽي، بوائز پرائمري اسڪول جمال حاجاڻو، بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول سعيد خان لغاري، ٽائون ڪميٽي سعيد آباد ۾ قائم پولنگن، پ پ ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري شاهپور درپور جي بوائز پرائمري اسڪول گرلز پرائمري اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول، تاجپور بوائز هاءِ اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول، ڄام سمون بوائز پرائمري اسڪول، ڌڻي بخش ماڇي (سولنگي) بوائز پرائمري اسڪول، عرضي هڪڙو گرلزبوائزد اسڪول، پيپلزپارٽي جي ڪجهه اهم اڳواڻن جي ن ليگ ۾ شموليت سبب اڏيرولال اسٽيشن بوائز هاءِ اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول، طاهر هڱورو بوائز هاءِ اسڪول، 2023ع جي مڪاني چونڊن ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ جهيڙي سبب بوائز هاءِ اسڪول ڀٽ شاهه، بوائز هاءِ اسڪول ڀٽ شاهه، بوائز ڪاليج ڀٽ شاهه، بوائز پرائمري اسڪول شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڀٽ شاهه، پرائمري اسڪول علي ولي الله ڀٽ شاهه، 2018ع ۾ پ پ ڪارڪنن ۽ آزاد اميدوار حامين ۾ ٿيل جهيڙي کي نظر ۾ رکندي ڀٽ شاهه گرلز هاءِ اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول ڀٽ شاهه، درگاهه شريف پرائمري اسڪول ڀٽ شاهه، بوائز هاءِ اسڪول دريا خان ٽالپر، 2015ع جي چونڊن ۾ پ پ ۽ آزاد اميدوار جي حامين ۾ تڪرارکي نظر ۾ رکندي پرائمري اسڪول الله ڏنو چنڊ، 2013ع ۾ ورڪ دوران قتل ٿيل پ پ ڪارڪن جي واقعي کي نظر ۾ رکندي ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ هالا جي پولنگن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته جمالي برادري جي ڌرين ۾ تڪرار سبب بکر جمالي جي بوائز پرائمري، گرلز هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ڌڱاڻو جمالي، بوائز هاءِ اسڪول، بوائز پرائمري اسڪول جان محمد جمالي، بوائز پرائمري اسڪول باگو جمالي ۽ بوائز هاءِ اسڪول باگو خان جمالي وارين پولنگن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.