ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ محبوب عباسي پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان ملاقات بعد پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو،. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عام چونڊن جي نتيجن کان اڳ آصف علي زرداريءَ جي ملڪ جي صدارت لاءِ اميدوار هجڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ جون آهن، جيڪڏهن چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت ملي ته پوءِ  پارٽي آصف علي زرداريءَ کي صدر مملڪت جو اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي عام چونڊون پنهنجي پليٽ فارم تان وڙهندي، چونڊن ۾ ڪنهن سان به اتحاد نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اسان جو اتحاد عوام سان آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ 13 جماعتن اتحاد ڪيو آهي ڇاڪاڻ ڪا به جماعت اڪيلي سِر پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي،  صرف هڪ جماعت خلاف مختلف جماعتن جو اتحاد ٺهڻ ئي انهن جي چونڊن کان اڳ شڪست آهي.