ميرپورماٿيلو (ن پ ا) پي ايس 19 تي پ پ جي هارايل اميدوار اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي ڌانڌلي وسيلي هارائڻ جو الزام هنيو آهي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي باري پتافي چيو ته ڊي آر او، آر او ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي مخالفن جي مدد ڪئي، هن چيو ته ڊي آر او ۽ آر او مخالف اميدوار کي ڌانڌلي ڪري کٽرايو آهي، هن چيو ته پي ايس 19 تي مقرر آر او مخالف کي 15 هزار بيلٽ پيپر ڏنا، آر او طرفان ڏنل بيلٽ پيپر مختلف پولنگن تي بيلٽ باڪس ۾ وڌا ويا، يارو لنڊ جي 12پولنگن تي هزارين بوگس ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، هن پ پ اڳواڻ خالد لنڊ مٿان الزام هڻندي چيو ته هنن اسان جي ايجنٽن کي يرغمال بڻائي ڌانڌلي ڪئي، هن چيو ته ڌانڌلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندس، نتيجو روڪيو وڃي، پريس ڪانفرنس بعد باري هائوس تي هن پتافي برادري ۽ حمايتين جو ڪٺ گهرايو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جتي پڻ باري پتافي خطاب ڪندي ڌانڌلي جا الزام هنيا.