نوشهروفيروز (رپورٽر) چونڊن ۾ سياست بي رحم بڻجي وئي، پ پ اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ شهيد ايم پي اي شھناز انصاري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گھر پھچي ويا، خبر موجب پي ايس 35 جو پ پ اميدوار ۽ پ پ جو ڊويزنل صدر ضياءُ الحسن لنجار ۽ پي 34 جو اميدوار ممتاز چانڊيو شهيد ايم پي اي شھناز انصاري قتل ڪيس جي جوابدارن وٽ ڳوٺ مراد کوکر ۾ کوکر هائوس تي پهتا، مقتولا شھناز انصاري جي قتل ۾ ملوث اختر کوکر پ پ اميدوار ضياءُ الحسن لنجار کي پٽڪو پارايو، جڏهن ته ممتاز چانڊيو نوشهروفيروز ۾ شهيد شهناز جي قتل ڪيس ۾ نامزد حاجي صديق کوکر جي گهر پهتو، ميونسپل ڪاميٽي نوشھروفيروز جو چيئرمين ڪاشف ميمڻ به ورڪ ۾ ساڻن گڏ هو، شھناز انصاري کي 3 سال اڳ قتل ڪيو ويو ھو، قتل ۾ ملوث اختر کوکر ۽ صديق کوکر کي عدالت شڪ جو فائدو ڏئي آزاد ڪيو ھو، جڏھن ته اختر جي پٽ وقار ۽ ڌيءُ سلميٰ کوکر کي عمر قيد جي سزا مليل آھي، پ پ اميدوارن جي اھڙي بي رحميءَ تي شديد رد عمل ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ مقتولا ايم پي اي جي خاندان پاران سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلع صدر ۽ مقتولا شھناز جي نياڻي ڊاڪٽر فاطما انصاري ٻڌايو ته انتھائي افسوس ٿيو آھي، ھن چيو ته اميدوارن جيڪو جو وڙ ھو اھو ڏيکاريو آهي، وڌيڪ ڪجھه نٿي چئي سگھان.