ٽنڊو الهيار(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ٽڪيٽ ھولڊرن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ميدان خالي به ڇڏيو ويندو ۽ مان ٽنھي سيٽن تان اليڪشن وڙھنديس، وقت ٻڌائيندو ته ڪير ٿو ملھه ماري، اھڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي ضلعي ناظمه ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ٽنڊوالهيار جي عوام کي ھر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ٽڪيٽ ھولڊرن بيوقوف بڻايو آهي ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي تي ڪشتو کڻي ووٽ پنيا آهن ، پر عوام کي ڪوبه رليف فراهم نه ڪيو اٿن، جڏهن ته پارٽي جا اميدوار قرض ۽ فرض پورا نه ڪري سگهيا، منھنجي والد مرحوم رئيس الھه بخش مگسي به پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ٽف ٽائيم ڏنو، باقي منهنجي خلاف جيڪي بيان ڏئي رهيا آهن، انھن پنهنجي ئي پارٽي جي اميدوارن کي پنهنجي ئي ھٿن سان ھارايو ۽ پارٽي مخالف اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو، جيڪي پارٽي لاءِ ڪاري نانگ وانگر آهن، انشاء الله فيبروري واري اليڪشن ۾ وڏا بت ڪرندي ڏسندا ۽ ضلعي جو عوام سک جو ساھ کڻندو، هن وڌيڪ چيو ته اربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ ٽنڊوالهيار جي لٽيرن جو مقابلو ڪيو ويندو.