ڄام شورو (رپورٽر)سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، سروري تنظيم جي چيئرمين  ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو زرداري خاندان سان مخدوم ڪٽنب جا پراڻا ۽ اٽوٽ لاڳاپا آهن. گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي ٿيل ملاقات بابت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ م سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ۾ ٿيل ملاقات سياسي توڙي ذاتي نوعيت جي هئي جنهن جا ملڪي سياست تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ٻنهي خاندانن وچ ۾ ڏهاڪن پراڻا واسطا آهن جڏهن ته مخدوم خاندان پيپلز پارٽي جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي جيڪو رشتو اٽوٽ آهي. هن چيو ته اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي، صوبائي ۽ ملڪي سياست تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ترقياتي ڪمن، مختلف منصوبن توڙي ممڪنه ايندڙ چونڊن بابت پڻ ڳالهيون ٿيون. مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي اعلى قيادت هميشه مخدوم خاندان جي قربانين کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو آهي ۽ پارٽيءَ اندر توڙي ٻاهر خاندان جي سمورن فردن کي مان ۽ مرتبو ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي بلاول ڀٽو زرداري تائين پيپلز پارٽيءَ جو مشن عوام جي خدمت رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو گذريل پنجن ڏهاڪن کان وٺي عوام پيپلز پارٽيءَ تي اعتماد ڪندي کيس هر اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيو آهي جڏهن ته مخدوم خاندان ۽ پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه سنڌ جي سياست اندر هڪ خوشگوار فضا کي جنم ڏيندي.