پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ 7 ڪروڙن ۾ تحفا ورتا: اصل قيمت جو رڪارڊ ۾ ذڪر ئي ناهي

0
95

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪمرانن کي پرڏيهي دورن دوران ملندڙ تحفا توشا خانه ۾ جمع ڪرائڻا پوندا آهن، توشا خانه جو انتظامي ڪنٽرول ڪابينا ڊويزن وٽ آهي

توشا خانه مان پي ٽي آءِ، پ پ ۽ نواز ليگ پاران حاصل ڪيل تحفن جا تفصيل سامهون اچي ويا، رڪارڊ ۾ تحفن جي اصل قيمت جو ذڪر ئي ناهي رڳو اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيتري رقم ۾ تحفا حڪمرانن حاصل ڪيا. ڪابينا ڊويزن جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته رولز تحت ڪابينا ڊويزن کي هر سال مڪمل ٿيڻ تي سالياني ڪارڪردگي تي ٻڌل بڪ ترتيب ڏيڻو هوندو آهي جنهن کي ايئر بوڪ سڏيو وڃي ٿو، ان سالياني ڪاڪردگي جي بوڪ ۾ توشا خانه ۾ جمع ٿيندڙ تحفن جو تعداد به ظاهر نه ناهي ڪيو ويو نه ئي اصل قيمت ڄاڻائي وئي آهي، تحفا ڪهڙو عهدو رکندڙ حڪمران حاصل ڪيا اهو به ذڪر ناهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪمرانن پاران حاصل ڪيل تحفن واري ڪم ۾ ڪامورا به ساٿاري بڻيل آهن

پنهنجي اخبار وٽ موجود تحريري دستاويزن مطابق پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ سال 2011-12ع دوران ملندڙ تحفا 33 لک 22 هزار 50 رپيا ڏئي پاڻ وٽ رکيا ويا، پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور جي آخري سال 2012-13ع دوران ملندڙ تحفا پاڻ وٽ رکي ان مد ۾ رڳو 18 لک 56 هزار رپيا جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دوران سال 2013-14ع ۾  مليل تحفا هڪ ڪروڙ 30 لک 10 هزار رپيا جمع ڪرائي حاصل ڪيا ويا،  مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور سال 2014-15ع دوران حڪمرانن کي 149 تحفا مليا جيڪي توشا خاني ۾ جمع ڪرائي رڳو 32 لک 56 هزار 884 رپيا جمع ڪرائي اهي تحفا پاڻ وٽ رکيا ويا، مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور سال 2016-17ع ۾ مليل تحفا 37 لک 31 هزار 860 رپيا جمع ڪرائي حاصل ڪيا ويا،  سال 2017-18ع ۾ به مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ حڪمرانن کي مليل تحفن جي مد ۾ 37 لک 31 هزار 860 رپيا جمع ڪرائي سال دوران مليل سمورا تحفا پاڻ وٽ رکيا ويا

اهڙي ريت تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ سال 2018-19ع ۾ 3 ڪروڙ 41 لک 9 هزار 91 رپيا جمع ڪرائي سال دوران مليل سمورا تحفا توشا خاني مان حاصل ڪيا ويا، سال 2019-20ع دوران مليل سمورا تحفا رڳو 64 لک رپيا جمع ڪرائي حاصل ڪيا ويا، پي ٽي آءِ حڪومت جي سال 2020-21ع ۾ هڪ ڪروڙ 51 لک 69 هزار رپيا جمع ڪرائي سال دوران مليل تحفا توشا خاني مان حاصل ڪيا ويا، سالياني ڪارڪردگي جي بوڪ ۾ ان حوالي سان تحفن جو تعداد به نه لکيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

آزاد ڪشمير مڪاني چونڊون: مظفر آباد ڊويزن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست، نواز ليگ ميدان ماري ورتو