ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم)پ پ  پاران  ڪوٺايل اي پي سي ۾ شريڪ سياسي ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته مردم شماري بابت سنڌ جي خدشن کي ختم ڪري،  ڳڻپ ڪيل ماڻهن کي ڳڻپ جي تصديق واري رسيد جاري ڪئي وڃي، مردم شماري جو وقت وڌائي، عملي کي ٽرينڊ ڪري،  100سيڪڙو شفاف ڳڻپ يقيني بڻائي وڃي، ـ ٻي صورت ۾ آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو، ڪالهه   پ پ پاران ڪوٺايل اي پي سي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو ته ملڪ ۾ جاري مردم شماري تي مختلف سياسي پارٽين کي گڏ ڪري گڏيل موقف اختيار ڪرڻ لاءِ اي پي سي ڪوٺائي،   2017 جيان موجوده   آدمشماري تي به ھينئر ئي خدشا شروع ٿي ويا آهن، هن چيو ته عمران حڪومت شايد 2021ع  ۾ اعلان ڪيو ھو ته جلدي ڊجيٽل مردمشماري ڪرائي ويندي، جنهن تحت تڪبنديون ۽ عام اليڪشن ڪرائي ويندي، عمران حڪومت سي سي آءِ مان پڻ آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ورتي، موجوده مردم شماري ڊجيٽل مردم شماري آھي،  اسان چيو ته وقت تمام گھٽ آھي گھر شماري 10 ڏينهن ۾ ڪيئن ممڪن آھي؟ شماريات کاتي پاڻ چيو ته وٽن انومينٽر گھٽ آھن، ٽبلييٽ تي نالو يا گھر  داخل ڪرڻ بابت شڪايتون مليون ته عملو ٽرينڊ ناھي، اهڙي صورت ۾ 15-20 ڏينهن ۾ ڪم ڪيئن مڪمل ٿيندو ؟ هن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ جيئن آر ٽي ايس فيل ٿيو،  ايئن نه ٿئي جو ھن مردم شماري بابت چيو وڃي ته ٽيلبيٽ فيل ٿي ويو آھي، هن چيو ته سڀني ماڻهن وٽ موبائيل يا سمارٽ فون ناھي جو پاڻ خودشماري ڪرائين، وفاقي سرڪار آدمشماري جي ڀرپور پبلسٽي ناهي ڪئي،سڀني کي اعتماد ۾  ورتو ناهي ويو،  ھن چيو ته ھي وڏو سوال ته آهي ڇا  وفاقي حڪومت يا جوڊيشري سمجھي ٿي ته ٻن صوبن ۾ پھرين ۽ باقي 2 صوبن يا قومي اسيمبلي اليڪشن  پراڻي ۽ نيئن مردم شماري تحت الڪيشن ٿيندي، اها پاڪستان کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي ڪوشش آهي 2017 کانپوءَ 5 سالن دوران ڪيترائي نوجوان 18 سالن جا ٿي ويا آھن، انھن جو ووٽ ڪٿي آھن؟ انھي تي اسان جا اعتراض ختم ڪيا وڃن، شناختي ڪارڊ لازمي نه هجڻ ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي جي خبر ڪيئن پوندي؟ جيڪو ھڪ ڪلاڪ اڳ ۾ به جتي ڄائو، انھي کي اتي ئي ڳڻيو وڃي،  اھو ووٽ ڀلي ڪٿي به ڏئي پر سھولتون سنڌ جون کڻي ٿو، هن چيو ته  اي پي سي ۾ موجود سنڌ جي وزيراعليٰ مرادشاهه کي چيو ويو ته ھو وزيراعظم سان ڳالهائي خدشا ختم ڪرائي نه ته نتيجا نه مڃينداسين، سنڌ حڪومت به اسان سان گڏ آھي، هن چيو ته  برسات سبب  جيڪي بي گھر آھن، انھن وٽ شناختي ڪارڊ ھوندا، نادرا ۾ رڪارڊ ھوندو،  ڪير به ڳڻپ کان رھڻ نه گھرجي، ھن چيو ته قومپرستن سميت ڪير به اهو نٿو چئي سگھي ته پاڪستان کي ڊيٽا جي ضرورت ناھي، اي پي سي ۾ انھن اھڙو ڪو به اعتراض ناھي واريو، باقي ٽيبليٽ جا مسئلا آھن اسان جو ملڪ انٽرنيٽ فرينڊلي ناھي جو ھر ماڻهو وٽ انٽرنٽ ھجي، انھي ڪري اي پي سي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته مردم شماري جو وقت وڌائي خدشا ختم ڪيا وڃن، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي اي پي سي ۾ خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اي پي سي ۾ موقف رکيو ته پ پ جو موقف سنڌ دوست ناھي ـ جيڪي فوجي آپريشن  دوران وانا وزيرستان مان آيا، انهن سميت  غير قانوني  پرڏيھين جي الڳ رجسٽريشن ڪئي وڃي،  اصلوڪن قديمي سنڌي يا وري مستقل سيٽل اردو ڳالهائيندڙ کانسواءِ 1954ع کانپوءِ آيلن کي الڳ ڳڻپ ڪريو، هن چيو ته ٻوڏ جا ڏيڍ ڪروڙ متاثر آھن، انھي ڪري سنڌ حڪومت وفاق کي لکي ته ٽن سالن تائين مردم شماري ملتوي ڪريو،  جيڪڏهن وفاق نٿو  مڃي ته سي ايم پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پنهنجي عملي کي روڪي ڇڏي اي اين پي اڳواڻ شاھي سيد چيو ته مردم شماري ٿيڻ گھرجي پر  طريقيڪار کي درست ڪيو وڃي، جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو ته اسان آدمشماري ملتوي ڪرائڻ جي حق ۾ ناهيون پر انهي جو وقت وڌايو وڃي اسان حڪومت ۾ آهيون پر ڪنهن به غلط ڪم جي حمايت نه ڪنداسين، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته مردم شماري  خلاف کوڙ سياسي جماعتون جدوجهد ڪن پيون، 2017 جيان اڄ جي مردم شماري به تڪراري آھي اي جي پي اڳواڻ لعل شاھ چيو ته پ پ ڊبل گيم نه ڪري ـ ھن مردم شماري کي مڪمل رد ڪريون ٿا ـ نواز ليگ جي  ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني چيو ته ھر 10 سالن ۾ مردم شماري ٿيڻ گھرجي، جلسن ۾ آدمشماري کي تڪراري بنائڻ بدران ويھي ڳالهائڻ گھرجي رڳو نامنظور جا نعرا نه لڳائڻ گھرجي، اسان به  صاف شفاف مردم شماري چاھيون ٿا، هن چيو ته سمورين ڌرين اڄ مردم شماري ٿيڻ تي اتفاق ڪيو پر خدشن جو اظھار ڪيو آهي ـ اي پي سي ۾ سني تحريڪ،  جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن پڻ ويچار ونڊياڪراچي : مردم شماري بابت اي پي سي ۾ جي ڊي اي،  ايم ڪيو ايم،   عوامي تحريڪ،  قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي شرڪت نه ڪئي،  ڄاڻايل پارٽين پاران مردمشماري بابت اي پي سي جو بائڪاٽ ڪيو ويو ھو