مٽياري (رپورٽر) پ ٽ الف پاران 10 فيبروريءَ تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مٽياريءَ ۾ پ ٽ الف جي اهم گڏجاڻي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مين مٽياريءَ ۾ زير صدارت شفيع محمد سٺيو جي ٿي گذري. جنهن ۾ سڄي ضلع مٽياريءَ مان پ ٽ الف جي اڳواڻن گل محمد همونپوٽو، غلام رسول ڏاهري، بشير احمد کتري، ارشاد علي ميمڻ، اسلم ميمڻ، رياض احمد ساهووال تعلقو مٽياري، شمس الدين جمال سعيدآباد، حاجي شفيع محمد ميمڻ هالا، رفيق احمد ڀنڀرو، رفيق احمد سومرو، ارباب سومرو، عبدالقيوم نوح پوٽو، محمد عمر سوهو کان سواءِ سوين سينئر ۽ جونيئر استادن شرڪت ڪئي.گڏجاڻيءَ ۾ پ ٽ الف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پرائمري استادن جي بقا جو معاملو آهي. انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. جنهن ڪري انهن جي ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽرڪچر، ايس ٽي آر جي آڙ ۾ ڏورانهن علائقن ۾ بدليون، گروپ انشورنس، بينيولنٽ فند، اولاد ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، نون استادن جي سينيارٽي دخلڪاريءَ کان ڳڻپ ۾ شمار ڪرڻ، ڪيمپس اسڪولن، ڪلسٽر اسڪولن، حب اسڪولن واري پاليسيءَ خلاف 10 فيبروري 2025ع تي ڪراچيءَ ۾ تاريخي احتجاج ڪري، پرائمري استادن جا مسئلا حل ڪرايا ويندا. شفيع محمد سٺيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، استاد اهو نه سمجھن ته ڪو هي ڪم رڳو استاد اڳواڻن جو آهي. نه بلڪل نه! هي ڪم هر هڪ استاد جو آهي. جو هر استاد جون ئي اهي گھرجون آهن. انهن جا ئي حق غصب ٿيا پيا آهن. جن کي واپس وٺڻ لاءِ استادن کي سستيون ڇڏي، گھرن کان نڪرڻو پوندو. جيڪڏهن استاد پاڻ ۾ هڪ ٿي، پنهنجن جائز حقن لاءِ هڪ آواز ٿي ميدان تي نڪري ايندا، ته ڪير آهي جو انهن کي انهن جا حق نه ڏي. تنهن ڪري هر استاد کي گھرجي ته هو. پنهنجن حقن جي حاصلات کي ممڪن بنائڻ لاءِ پاڻ به احتجاج ۾ شامل ٿين ته ٻين استادن تائين پڻ پيغام پهچائين، ته جيئن وڌ کان وڌ استاد 10 فيبروريءَ تي ڪراچي پريس ڪلب تي پهچي استاد اتحاد جو ثبوت ڏين.