ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) پ ٽ الف طرفان سنڌ جي پرائمري استادن جي چارٽ آف ڊمانڊ لاءِ اڄ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪري 10 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ جي هزارين استادن جي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو ، اهڙو اظهار پ ٽ الف سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر شفيع محمد سٺيو ، شاهنواز مهر ، اڪرم ميمڻ ، غلام حسين ڪاتيار ، دائود باگراڻي ، محمد طفيل ميمڻ ، نواز درس جي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو ، هنن چيو ته سنڌ جي پرائمري استادن سان هر دور ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي جمهوريت جي دعويدار سرڪار سنڌ جي استادن کي ماضي جيان ڪو به رليف ڏياري نه سگهي آهي ، سنڌ جي پرائمري استادن جي سروس اسٽيڪچر جي منظور ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير جي ڪيل اعلان کانپوءِ سمري سيڪريٽري تعليم کان فنانس ڊپارٽمينٽ ڏانهن موڪلڻ بعد ان تي اعتراض لڳائي روڪڻ وڏي ناانصافي آهي ، سروس اسٽيڪچر هڪ ئي ملڪ جي ٽن صوبن ۾ استادن کي ملي رهيو آهي پر سنڌ صوبي جي استادن کي ان کان محروم رکيو ويو آهي ، سنڌ ۾ تعليم کي ترقي ڏيارڻ لاءِ نوان تجربا ڪري ڪئمپس ، ڪلسٽر ، حب اسڪولن جا فارمولا ڏيئي ڪروڙين روپين جي بجيٽ جو غلط استعمال ڪري تعليم کي ڪا به ترقي نه ڏياري وئي آهي ، جنهن لاءِ سنڌ جي پرائمري استادن کي تعليمي اسٽيڪچر جي تحت جديد دور جي اعلى تعليم لاءِ کين ٽريننگ ڏيارڻ جو سلسلو شروع ڪري تعليمي معيار کي اڳتي وڌايو وڃي ، سنڌ ۾ اهليت جي بنيادن تي 60 هزار نوان استاد مقرر ڪري انهن کي بند اسڪولن کي کولائڻ بجاءِ تعليمي عملدارن جي ڪرپشن ذريعي شهري علائقن تائين کليل اسڪولن ۾ ڀرتي ڪري تعليم کي تباھ برباد ڪيو ويو آهي ، هڪ اسڪول ۾ 5 استادن بجاءِ 50 استاد مقرر ڪرڻ سان تعليم متاثر ٿي رهي آهي ، هنن چيو ته سنڌ جي پرائمري استادن کي پڻ ٻين صوبن جيان صحت جا ڪارڊ جاري ڪري ڏنا وڃن ، پ ٽ الف طرفان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڊائريڪٽر ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ، ڊي اي او ، ٽي اي او جي آفيس ورڪ ۾ ڪرپشن کي ختم ڪرائڻ ، رٽائر استادن جي پينشن ۾ اڪائونٽ آفيسن ، ٽريزري ۾ ڪرپشن کي ختم ڪرايو وڃي ، پريس ڪانفرنس ذريعي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ ، تعليم واري صوبائي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي بنا ڪنهن سبب معطل ڪيل استادن کي بحال ڪري سنڌ جي استادن کي ٻين صوبن جيان بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن ، سنڌ جي پرائمري استادن ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اڄ کان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ سان گڏ 10 فيبروري سومر واري ڏينهن سنڌ جي راڄڌاني واري شهر جي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ جا هزارين استاد گڏ ٿي احتجاج ڪرڻ کانپوءِ ڪئمپ لڳائي مطالبن جي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ جي منظور ٿيڻ تائين بک هڙتال جي سلسلي کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .ڪيو ويو آهي ته علائقي مان منشيات سماجي برائين ۽ ڏوهن جو خاتمو آندو وڃي .