ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) پ ٽ الف جون چونڊون ڪرائڻ وارو معاملو ٻيهر تڪراري بڻجي ويو، مرڪز پاران مدو پورو ٿيڻ بعد اليڪشن جو شيڊيول نه ڏيڻ تان هڪ ڌر انڊسٽريز کاتي سان رابطو ڪري ورتو ، ان ڏس ۾ سنڌ جي پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي مرڪز، ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي عهديدارن جو مدو 18 آڪٽوبر تي مڪمل ٿيڻ تي چونڊن لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پ ٽ الف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نياز جلباڻي، سڪندر علي جتوئي، عتيق الرحمان سولنگي، نور محمد سومرو، ظفر لاکو، سڪندر علي ڇڄڙو ۽ ٻين عهديدارن انڊسٽري کاتي جي مختلف اختيارين توڙي جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد جي پراونشنل اسسٽنٽ رجسٽرار کي خط لکي اليڪشن جا انتظام ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، ان ڏس ۾ صنعتن جي کاتي پاران پنهنجن آفيسرن کي اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري تعلقي کان وٺي مرڪز تائين چونڊون ڪرايون وينديون، واضح رهي ته 2020ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ جي حڪم تي ڊپٽي ڊائريڪٽر انڊسٽريز اينڊ اسٽاڪ ايڪسچينج حيدرآباد اليڪشن ڪرائي هئي، هاڻي به اڳوڻي سيڪريٽري  کيس خط لکيو آهي ته پ ٽ الف جي تعلقن، ضلعن ۽ ڊويزن کان مرڪز تائين اليڪشن ڪرائي وڃي .