پھر پڪارون … استاد نياز علي خان کي ساريندي ….

0
28
پھر پڪارون ... استاد نياز علي خان کي ساريندي ....

 ھُن جون اڱريون جڏھن طبلي تي پونديون ھيون ته ھو محفلن ۾ ويٺلن کي طبلي جي ٿاپ تي ٻوڙ ٻوڙان وسڪارن طرف وٺي ويندو ھو ۽ سانون مينھن جا ڪارا ڪڪر ٺھي جُڙي اچي ان محفل جي مٿان بيھندا ھئا. سندن اھو ارادو ھوندو ھو ته ھو گيت جي آخري ٺمري تي “ٽاپ جي ٿاپ” ھڻي ته اسان ڪڪر وسڻ جو آخري رقص ڪري ٻي ماڳ تي موٽي وڃون. ھو طبلي وسيلي ڪڪرن کي ھڪ ھنڌ تي بيھارڻ ھلڻ ۽ وسڻ جا گُر ڄاڻندو پر زندگي جي آخري ايامن دوران سائين راشد مورائي چواڻي: دل جي ويران رڻ تي ڪو به ڪڪر بانورو نه وٺو ۽ ھو پنھنجي گھر جي ڇڄيل ڪُڙھ ۾ ھيڪلو ڪيئي ڏينھن پيو رھيو. نه سندس علاج جو جوڳو بندوبست ٿيو، نه وري ڪنھن وزير مشير ياد ڪيو پر ھن اھڙي ميار ٻين کي ته ٺھيو پر انھن پنھنجن کي به نه ڏني، جن جي جوڀن کي سنوارڻ خاطر ھن زندگي جون 42 بھارون سنگت ڪندي گذاري ڇڏيون.

                 موسيقي جي دنيا ھن کي خانصاحب نياز علي خان مـڱڻھار جي نالي سان ياد رکندي جنھن زندگي جون بھارون ڪنھن صوفي سنت جيئن گوڏا ڀڃي راتين جون راتيون طبلي تي رياض ڪيو. طبلو ۽ ھو ايڪ جان دو قالب بڻجي ويا ھئا. سنڌ جو ڪلاسيڪل گويو استاد شادي فقير سندس وڏو ڀاءُ ھو، جيڪو ھاڻوڪي سنڌ جي استاد راڳي خانصاحب شفيع فقير جو استاد ھو.

ناميارو صحافي عبدالرزاق سروھي ڊجيٽل ميڊيا تي پنھنجي ھڪ وال تي لکيل مختصر ليک ۾ لکي ٿو ته طبلو هڪ روايتي هندستاني ساز آهي، جيڪو تال کي وڌائي ٿو ۽ ماهر ڳائڻ وارا طبلي کي موسيقي جو اهم جز سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو سندن وقار ۽ انداز کي نه رڳو چٽو ڪري ٿو پر موسيقي کي وڌيڪ رنگين ۽ سريلو بنائي ٿو. لاهور جي جهوني طبلي ساز اختر علي موجب، اڄ به طبلي جي حيثيت سڀني موسيقيءَ جي سازن ۾ منفرد آهي.

هڪ انٽرويو ۾ اختر علي جو چوڻ هو ته هڪ سئو هڪ ساز به وڄايا وڃن پر جنهن موسيقيءَ ۾ طبلو ناهي اتي سمورا ساز اڻپورا نظر ايندا آهن. جڳ مشهور طبلي نواز استاد تاري خان هڪ انٽرويو دوران چيو ته اڪيلو طبلو وڄائڻ ڪا مذاق ناهي. هڪ سٺو طبلو وڄائڻ وارو ڪم کي سمجهي ٿو ۽ صحيح ٽائيمنگ کي برقرار رکي ٿو. سولو طبلو وڄائڻ وارو گهرو علم بهترين نظم و ضبط سٺي يادداشت ۽ هڪ نظام تحت ڪارڪردگي ڏيکاريندو آهي. ان ليک ۾ ھن پنھنجي پٽ حسنين رضا جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس جي تمام وڏي اسٽيج تان طبلي تي سولو پرفارمنس ڏئي خوب داد حاصل ڪيو ھو.

استاد طبلي نواز نياز علي خان عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ نونهيون ابوبڪر سومرو ۾ 5 جون 1953ع  تي اڪبر مڱڻهار جي گهر جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ ئي سنگيت کيس ورثي ۾ ان ڪري به مليل ھئي جو عام چوڻي آھي ته مڱڻھارڪو ٻار روئندو به سُر سان آھي پر ھن پنھنجي فن ۽ سچائي جا اھڙا اصول باقي ڇڏيا آھن، جو اڄ به سندس ياد ۾ ڪيئي رقص جا رکوالا نيڻ آلا ڪن ٿا.

ھن زندگي جي پھرين ڏھاڪي ۾ ئي پنهنجي چاچي کان بينجو وڄائڻ واري فن جي تربيت وٺڻ شروع ڪئي ۽ بعد ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ ڪلاسيڪل راڳي استاد شادي فقير ۽ استاد ٻڍل فقير کان ڍولڪ ۽ طبلو  وڄائڻ جي سکيا ورتي. استاد نياز علي خان مڱڻھار صرف پرائمري جا پنج درجا پاس ڪيا ھئا پر سندس طبلو وڄائڻ جو ڪلاسيڪل فنڪار ھو.

استاد نياز علي خان مڱڻھار جنھن ڳوٺ نونھيون ابوبڪر سومرو ۾ جنم ورتو، اتي ئي ڀرسان نونھيون عبدالواحد سومرو ۽ حويلي ٺڪر ڳوٺ آھن. وڏيرو عبدالواحد سومري ۽ ڪمل سنگھ سوڍي جو به ڪو جوڙ ھوندو ھو. اھي نارا جي “ڪس پٽ” واري علائقي جا ڪلاسيڪل ڪردار ھئا. ھڪڙو عبدالواحد سومرو ڪنھن گھوڙي جي ھُڻڪار ۽ گجگوڙ جيان گجندي ھي دنيا ڇڏي ويو ۽ ٻيو ڪمل سنگھ سوڍو جڏھن ڪجھ ڏينھن اڳ ڌرتي کي الوداع ڪري ڍاٽ پرڳڻي جي ڇور واه جي ڇولين کي ياد ڪيو ھو ۽ ويندي مهل جڏھن ھن پنھنجي اوتاري اڳيان آخري فوٽو ڪڍرايو ھو ته سندس ڪجل ھاڻيون اکڙيون ھن سوڍي ڪمل سنگھ جي  لڙڪن کي روڪي نه سگھيون ھيون. ھي ڪمل سنگھ سوڍو اھو ئي آھي، جنھن جي جوڌپور جي راجا اميد سنگھ راجپوت سان گناتپي سڱاوتي ھئي.

جنھن پھريون ڀيرو کوکراپار موڻا ٻائو ريلوي لائين وڇرائي، جنھن کي اڄ به راجا جي ريل ڪري سڏيندا آھن. سو استاد نياز علي خان انھن ٻنھي مٿير مڙسن جي ڳوٺن ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو. نه رڳو ايترو پر سڏ پنڌ تي اھا وائوڙي به ھئي، جتي سنڌ جي قومپرست سياست جي سونھين جي آخري آرام گاھ به آھي. تنھن ڪري جنھن به محفل ۾ عبدالواحد آريسر ويٺل ھوندو ھو ته استاد نياز شفيع فقير جي آلاپن کي طبلي جي تال تان اڃان مٿي کڻي ويندو ھو ۽ بدلي ۾ ھو آريسر جي مرڪ جو مکاميلو چاھيندو ھو. نوجوان راڳي خانصاحب الھبچايو فقير سندس ڀائيٽو آھي، جيڪو راڳ جو نه رڳو ڄاڻو آھي پر سندس مڌر آواز جا لاتعداد چاھيندڙ موجود آھن.

سوڍن سومرن ۽ صوفين ۾ پلجي، خانصاب جھڙو لقب ماڻيندڙ طبلي نواز استاد نياز علي خان کي جي اھا خبر ھُجي ھا ته طبيعت جي ناسازي يا ڪنھن آفت مصيبت جي مھل گوري ٽڪي ۽ دوا درمل لاءِ اميرن وزيرن کي اپيلون ڪرڻيون پونديون ته يقينن ھو به ڪنھن حڪمت عملي تحت ڪم ڪري ھا ۽ ويساھن جي ور نه چڙھي ھا پر ھن کي ڪھڙي خبر ته زمانو ايئن ٿو ڪري جيئن مخدوم صاحب چيو آھي ته ،

ويئي عمر گذري عطائون ڪندي ڪندي

ماڻھن گھٽايو ڪين ڪي دغائون ڪندي ڪندي

ھن راڳ جي راڻي عابده پروين کان وٺي سينگار علي سليم تائين ڪيترن ئي نالي چڙھيل راڳين سان گڏ طبلي تي سنگت ڪئي. مون جڏھن سندس گھر زندگي جي آخري ايامن ۾ انٽرويو ڪيو ته ھن چيو ھو ته جڏھن عابده سان گڏ پھريون ڀيرو طبلو وڄايم ته گيت مڪمل ٿيڻ بعد ھو مونکي گھڙي کن ٽڪ ٻڌي ڏسندي رھي ھئي ۽ پوءِ چيو ھئائين واه استاد نياز واه! ايئن ھن ڪيترين ئي يادگار محفلن ۽ پروگرامن جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙيا ھئا.

اھڙا لڙڪ جيڪي ڪنھن صحرا ۾ ڦٽندڙ چشمي جي ڌار جيئن وھي رھيا ھئا ۽ ھن چيو ته ھاڻ علاج لاءِ سرڪار کي اپيل ناھي ڪرڻي. ھن کي گلزار ڏاڍو وڻندو ھو، سو ھن پنھنجي ھڪڙي پٽ جو نالو گلزار به رکيو.

برصغير ۾ راڳ ۽ رقص جي پنھنجي ھڪ الڳ دنيا آھي پر سنڌي ڪلا کيتر جا اڪثر راڳي استاد طبلي نواز خانصاحب نياز علي خان مڱڻھار وانگي محرومين جو شڪار ٿي زندگي جي جنگ ھارائيندا رھيا آھن. سيپٽمبر 2016 ۾ سنڌ ھن شاندار ڪردار جي مالڪ طبلي نواز فنڪار کان محروم ٿي وئي. اٺ سالن دوران ڪيترن ئي “فنڪارن” جون سالگراھون، ورسيون ملھائجي ويون.

مختلف ادارن ۾ سندن نالن سان ڪارنر گئلريون قائم ٿي ويون. يارن جي چوڻ تي کين سرڪاري خزانن مان وظيفا ۽ ٻيون مراعتون سندن خاندانن کي ملنديون رھيون پر ھن فقير استاد کي سڀني مجرماڻي طور طريقي سان نظرانداز ئي ڪيو پر تاريخ جي صفحن ۾ ھميشه ان ڪري به حيات ھوندو جو سندس فن ۽ ڪردار اتم رھيا آھن.