ويھين صديءَ جي پُڄاڻيءَ وارا پويان ٻئي ڏھاڪا سنڌ جي سرفروش سياست، موسيقي، ادب ۽ آرٽ لاءِ ڪلاسيڪل دور رھيا آھن، ھنن ئي ڏھاڪن ۾ سنڌ جي باوقار سياست جواني ماڻي ۽ آرٽ کان ادب توڙي گيتن تائين سنڌ شاداب ٿي وئي، اھو پورو ھڪ منظر پس منظر آھي، جنھن تي صحيح معنيٰ ۾ اڃان تائين لکجي نه سگھيو آھي، رومانس ۽ ريووليشن جو گڏيل چنڊ ان ئي دور ۾ کڙيو ۽ روشني رھندي دنيا تائين ڇڏي ويو. رولاڪين، روپوشين، رھزنين ۽ رھبرين توڙي ڏينھن راتين مُرڪن، ٽھڪن، مايوسين، محبتن ۽ ماڻھپي تي لکڻ بابت پڻ ھِي دور دلفريب رھيو، مظھر لغاري جي شعر ‘ھوائون نه روڪيو’ کان وٺي حليم باغي جي ڪسين مان جر جي جاءِ تي خون جي وھي ھلڻ جا ھوڪا روحل واءِ مان ٻُريا بهرحال قصو ڊگھو آھي، وري ڪنھن ٻئي مضمون ۾ پاڻ اچون ٿا. سنڌ جي صورت ۾ نڪ جي ڦُلڙي جھڙي خوبصورت خطي ٿرپارڪر ڏانھن جيڪو ڏات جي ڏيھ جو شاھوڪار خطو رھيو.
جنھن اسي ۽ نوي وارن ڏھاڪن جو پاڻ اڳ ۾ ذڪر ڪيوسين، ان زماني ۾ به مٺي رومانس جي رس سان تاروتار ھو، کڻي ان وقت اڃان انٽرنيٽ ڪيفيز قائم نه ٿيا ھئا پر صادق فقير جا ساز آواز ۽ آلاپ، ستارن جي رم جھم جيان مٺي کي چمڪائي رھيا ھئا، اھو ساڳيو ھاڻوڪو ڪشمير چوڪ تنھن زماني ۾ ڪشمير نالي سان کڻي ھو يا نه، پر نج نبار ٿرين جي مرڪن، ٽھڪن سان آباد ھو. کيکڙن جي اچ وڃ ۽ سودي سامان جي خريداري واري ريل پيل گگرواسي ڳالھين ۽ اگربتي خوشبوئن سان جاري و ساري ھئي، مائي ڀاڳي، موھن ڀگت، مراد فقير، حسين فقير جي ٿر کي صادق جا سُر ۽ ٽھڪ منفرد بڻائي رھيا ھئا.
صادق فقير، جنھن جو والد روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪندو ھو، پڙھيل لکيل خاندان سان تعلق ۽ فقيراڻو سلسلو کيس ورثي ۾ مليو، ان ڪري سندس لب لھجو، ادائگي انتھائي پختگي ۽ سنجيدگيءَ واري رھي. اھو ئي ڪارڻ ھو جو جنھن ريت صادق فقير سنڌ جي سرموڙ شاعرن شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، حسن درس، اقبال رند ۽ ٻين کي ڳايو، ايئن ۽ اھڙي انداز ۾ ٻئي ڪنھن به راڳي نه ڳايو آھي. ھڪڙي ڳالھ جيڪا صادق فقير جي سنڌ جي ٻين نامور فنڪارن کان منفرد ۽ الڳ سُڃاڻپ بڻي، سا آھي سندس ماکي لار جھڙو مٺڙو ۽ معصوم آواز، ان ڪري اُٺن جي ڊوڙ ۾ سوار جڏھن اُٺ جي ٿڪاوٽ ۽ پوئتي رھجي وڃڻ جو حال ڏسندي پير ڪڙين جون اڙيون ھڻي ڊوڙ کي تيز ڪرڻ ۽ مقابلو کٽڻ جي جستجو ڪندو آھي، ايئن صادق نه ڪندو ھو. اھو صادق به ھو ته سريلو به ھو، تنھن ڪري سُر سندس ڳلي سان پيار ۽ رقص ڪندي نڪرندو ھو ۽ فضائون ئي معتر ڪري ڇڏيندو ھو.
صادق سنڌ جي عشق، رومانس ۽ انقلاب جو به گڏيل باغي ۽ راڳي ھو، توڻي جو سندس شروعاتي سڃاڻپ کي ھاڻوڪي سنگت ترقي، مصلحتن، مفاھمتن ۽ سيلفي سليقي ۾ ڍڪي ورتو آھي، نه ته صادق فقير جيان راڳ جي دنيا ۾ سُر لئي جي لڙي جي ٽُٽڻ تي ارھو ٿي ويندو ھو، بلڪل تيئن ھُو ڪنھن زماني ۾ اسڪول جي اسيمبلي جي قطار جي لئي ٽُٽڻ تي به بطور استاد جي ارھو ٿيو ھو ۽ پوءِ شاھ لطيف لائبريري لڳ موجود پُراڻي ھڪ ننڍڙي ڪوٺڙي ۾ قائم پريس ڪلب جي اڳيان ھلندڙ بک ھڙتال دوران سندس مٿو ڦاڙيو ويو، سنڌ جي پُر امن خطي، مارئيءَ جي ديس مٺي ۾ ڪنھن ٻاٻيھي راڳيءَ تي لاٺڙين جو شايد اھو پھريون حملو ھو ۽ ان حملي ۾ کاٽائو جاني، اُستاد اسحاق مڱريو، سرڳواسي اوم شرما ۽ ٻيا به زخمي ٿيا ھئا ۽ پوءِ اعجاز منگي لکيو ھو ته:
صادق کي سمجھاءِ
جيالن جي جوءَ ۾
باغي گيت نه ڳاءِ
ان مسئلي تي سڄي سنڌ ۾ الائجي ڪيترا ڏينھن لکبو رھيو ۽ پوءِ سماج دنيا جي دستور ۾ گم ٿي ويو. توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لُڙڪ لڙي پيار لار ڪري……تنھنجي گھر جي ڀرسان آھيان، ڄڻ مندر جي ڀرسان آھيان. جڏھن مان نه ھوندس، جواني نه رھندي، جواني نه رھندي….سکي پِيا کي ملين ته چئجان، چاندني توسواءِ نه ٿيندي. جھوپڙي ٻاھران رات جھانجھر وڳي، پير ڪنھن جا ھئا، ڪير مونکان ڀڳي، جھڙا گيت شاھڪار شاعري ۽ لازوال آواز جي ميلاپ سان مشھور ۽ سدا بھار گيت بڻجي ويا، جن کي ٻُڌي ھر دور جون دليون ڇيھو کائين ۽ ڇرڪيو وڃن ٿيون، صادق فقير دوستيءَ جو به صفا دلبر ماڻھو ھو ۽ دوستن کي پنھنجي دنيا سمجھندو ھو.
سنڌ ۾ ھن وقت به يونيورسٽيز جا نوجوان ۽ پڙھيل لکيل ڪيڊر جيترو پيار حليم باغي جي شاعري سان ڪري ٿو. اھڙو ئي پيار اھي صادق فقير جي آواز سان ڪن ٿا. ھاڻوڪي سنڌ، جتي فنڪار مشھوري ماڻڻ خاطر ڪنھن خوبصورت ٽڪ ٽاڪر جو سھارو به وٺيو ٿا ڇڏين، اُتي صادق فقير بلڪل ئي اُبتڙ ھو. ھُو محفل ۾ ماڻھو ڳڻڻ بجاءِ پارکو ۽ پيار ڪندڙ ڳولھيندو ھو ۽ سندس مُرڪ سان ھُو رات ۽ سانت جي پھرن کي منڊي وڃي راڻي سان پُڄاڻي ڪندو ھو.
مائي ڀاڳي، موھن ڀڳت ۽ مراد فقير جي ٿر کي ان راڳي ٽرائيڪا بعد جي ڪو چوٿون جوڙ ڏئي سنڌ جي شاھڪار ۽ شاندار راڳ جي ڪا عمارت ڪو اڏي سگھيو ته اھو صادق فقير اڪيلو ئي آھي، نه ته باجن ۽ ڍولڪ جي رڌم ۾ ڏوڪڙ ڳولھيندي ڪيئي راڳي راھ رباني ٿيا پر جڏھن ھن ٻاٻيھي جو مڙھ مٺي آيو ھو ته ٿر جي ھيڊڪوارٽر جو ھي شھر رڙيون ۽ ريھون ڪندي دنيا ڏٺو ھو، سنڌ جي ويجھي ماضيءَ ۾ ايتريون اوڇنگارون شايد ئي ڪنھن ٻئي فنڪار جي وڇوڙي تي ٿيون ھُجن، صادق فقير ڪلاس جو مزاح پرست ھو، سندس ڀوڳن چرچن جا ٽوٽڪا اسان جو دوست پيارو شواڻي ڪلاسيڪل انداز سان ٻڌائي سگھي ٿو، ھن دور ۾ فنڪار گيت ھجومن کي جھومائڻ لاءِ ڳائيندا آھن پر صادق فقير پنھنجي محفلن ۾ راڳ پارکو رکوالن کي راڳ جي انداز ۽ سُر سنگيت جي ٺمرين ۾ پنھنجي آلاپن سان گڏ کڻي ٻوڙيندو ۽ تاريندو ھو. ھُن لاءِ ھُجوم نه پر دل جا دروازا اھميت رکندا ھئا، تنھن ڪري ھُو سرفروشن، ڏنگن ٻارن، ٽين ايج پاڙھو شاگردن ۽ يونيورسٽيز جي ماروين توڙي رولاڪن جو شھنشاھ راڳي ھو، صادق فقير عمرڪوٽ ۾ ڳائيندو ھو ته سندس تمنا ھوندي ھئي ته وائوڙي جو وھائو تارو چوٿين دنيا جو مفڪر عبدالواحد آريسر روحل واءِ جو ماما جمن دربدر ۽ خانصاحب عطا محمد پلي جو ڪلاسيڪل شاعر ولي محمد وفا پلي موجود ھجن ۽ ھُو ڳائيندو رھي. خلق ڀلي آھستي آھستي لڙي رات روانو ٿيندي وڃي پر اھي سرموڙ شخص ويٺا راڳ ٻُڌن. جيسين وڃي راڻو ڳائجي.
مونکي ياد آھي، مشرف دور ۾ ملھايل ٿر جو مارئي ميلو، جڏھن شبير احمد قائمي ثقافت جو وزير ھو ۽ صادق فقير کي اسٽيج تي ڳائڻ جو سڏ ٿيو، ھن فقير منش راڳي آمريت جي ڇانوَ ۾ رچايل ان محفل جا منظر ڏسي ڀڳي دل سان محفل کي اڌ ۾ ڇڏي جوڳي رمتا ڀلا جيان واپسي ڪئي ھئي، صادق فقير کي سُر سنگيت سان پيار ھو. نمائشي خلق کي ھُو کنگھيندو ئي ڪونه ھو. ڀلي ڪيڏو به لاٽ صاحب ھجي، صادق فقير ريڊيو پاڪستان کان ويندي پي ٽي وي جي سرڪاري نشرياتن بابت اي بي ۽ سي ڪئٽيگري واري ڪامپليڪس جو به شڪار نه ھو، بس ھُو جڏھن اسٽيج تي پھچي پنھنجا ھٿ ھارمونيم تي رکي آڱرين کي سوري سليقي سان وڄت ڪندو ھو ۽ آلاپ ڏيندو ھو ته صدين جي سنڌ ڄامشوري جي عروج وارين ڇولين جيان اُڀي ٿيندي ھئي.
ھڪ ڀيري استاد شفيع فقير سان حيدرآباد پريس ڪلب پاران شام ملھائي وئي ۽ ڪلب جي ڇت تي رٿيل ھن تاريخي پروگرام ۾ ان وقت سنڌ گھمڻ آيل ڀارتي اديب ريٽا شاھاڻي، ومي سدارانگاڻي، ھيرو ٺڪر ۽ ٻيا اديب شامل ھئا. پرڏيھ مان پنھنجي سنڌ آيل انھن اديبن وٽ وقت به گھٽ ھو پر انھن کي صادق جي سُرن چُرڻ ئي نه ڏنو، انھن سڄي رات ويٺي سنگيت ۽ صادق کي ٻڌو.
ھن جديد دور ۾ به جيڪي نوجوان موسيقيءَ سان لڳاءُ رکن ٿا، انھن جي پھرين ترجيح صادق فقير جا گيت ٻڌڻ ئي آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن جي وڇوڙي کي جھڙوڪر ھڪ ڏھاڪو اچي پيو ٿئي پر ھو اڄ به سوشل ميڊيائي ٽولز تي سڀني کان وڌ سرچ ٿيندڙ فنڪار طور موجود آھي، جنھن کي سنڌ ڪڏھن به وساري نه سگھندي.