زمانا گذرڻ پُڄاڻان به عام لوڪ اڄ به ڍورونارو شھر کي “نارو ڍورو” سڏيندو آھي. جتي ڪنھن دور ۾ ٽي ڪاٽن جننگ فئڪٽريون قائم ھونديون ھيون. اڇين اُجرين ڦُٽين جي پوڻين وارو ھِي خطو شاھوڪار زرعي بيلٽ طور سڄي سنڌ ۾ مشھور رھيو آھي، ھتي ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ستر واري دور تائين عروج رھيو، ان ڍورونارو ريلوي اسٽيشن ۽ شھر جو ھڪڙو تعارف اھو به تاريخي حوالن ۾ ملي ٿو ته، ھتان پاڪ ھنڌ جي ديوبند علمائن جو گُذر ۽ پڙاءِ به ٿيندو ھو ته ٻيو تعارف ھتي جو ڪاڪ ٽيل جھڙو سُھڻو منظر شھر جو آھي، جتي ڪلالن کان ڪورين تائين لطيف سرڪار جي ڪردارن سان جڙيل قبيلا به وسن ٿا، جيڪي نارا ڪئنال جي وھڪرن جھڙا وسيع دل انسان ۽ محبتن جي مٽي جا ڳوھيل مھندار آھن. اھڙي منظرن ۽ پسمنظر واري ڍورونارو کي جديد ڍورونارو بڻائڻ ۾ ٻين سان گڏ ھڪ باوقار ڪردار قبول احمد سومرو جو به وڏو حصو شامل آھي، جيڪو موڪلاڻي ڪري وڃي مالڪِ حقيقي سان مليو. وسڪاري جھڙي شخص جي موڪلاڻي سچ ته جِيءُ جھوري وڌو آھي. قبول احمد سومرو پنھنجي رمز ۾ ھڪڙو ادارو ھو، جنھن نسلن جي آبياري ڪئي، ھن جي تربيت ۾ ٿر توڙي ناري پٽ جي گڏيل خُوشبوءِ سمايل رھي آھي، اھو ئي ڪارڻ ھو جو ھِي جديد ڍورونارو جي بانيڪارن ۾ سرموڙ ساٿي طور ياد ڪيو ويندو. ڍوروناو جو ھڪڙو ڪردار اومون مل مسافر به ھو، جنھن کي بيگم نصرت ڀٽو “پُٽ” ڪري سڏيندي ھئي پر جديد ڍورونارو جو قبول احمد سومرو اُھو پٽ آھي، جنھن تي ھاڻوڪي ٽھي ان ڪري به ناز ڪري سگھي ٿي جو ھن ھڪ پورھيت پِيءُ جو فرزند ٿي ڪري ٻنين تان ڳاھ جون ڀريون ۽ ڪاٺيون به کنيون، پنھنجي ڪُڙم قبيلي جي پالنا به ڪئي پر جيڪو به وقت بچيو، ھن ڪتابن جي دنيا کي ڏنو. لالٽين بتي تي اوجاڳا ڏسي پڙھيو ۽ وڏي محنت مشقت سان ھن پاڪستان ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري حاصل ڪري ايمانداري سان بطور ريلوي آفيسر رٽائرمينٽ ورتي.
ڍاٽ پرڳڻي جي ايٺڪڻ کان گڍڙي ۽ اتان ٿر جي ريل پٽڙي جي کوکراپار کان ڍورونارو تائين جي سفري زندگي ۾ قبول احمد سومرو وھائو تاري وانگر روشن نظر ايندو، ھن ريلوي ٽريڪ تي پنھنجي وس آھر وڻڪاري سان گڏ واسطيداريءَ جو وزن کنيو ۽ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جھڙن شھرن ۾ روزگار سان لڳايو، ان لاءِ ھن وڏي ذھانت سان ڪيريئر ڪائونسلنگ وسيلي ڪم ورتو، سندس سڀاءَ جي سُونھن اھڙي ھوندي ھئي جو چڱو موچار ڪامورو سندس ڳالھ کي ٽاري نه سگھندو ھو. ناري جو صوفي جلال ڪوري ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته، ان ڏينھن قبول احمد سومرو جڏھن اھو زيب عاقلي جو شعر:
منھنجي وفا فريب ھئي،
منھنجي وفا کي ڌوڙ وجھ،
تو جھڙو ڪو باوفا توکي ملي خدا ڪري.
جڏھن پڙھيو ته، زمانا ياد ڏياري ڇڏيا هئا. جلال ڪوري لکي ٿو ته، عمرڪوٽ جي سماجي ڀلائي ۽ تعليمي سجاڳيءَ جي تاريخ جو قبول احمد سومرو آئيڪون ڪردار ھو. جنھن کي زندگيءَ جي آخر تائين ڪتابن پڙھڻ جو شوق ائين ئي زندهه رھيس، غريب پِيءُ نواب علي سومرو جو پٽ ھو، جيڪو کير وڪڻندو ھو، پڙھندو رهيو. تنهنڪري قبول احمد کي غربت جو احساس هو. هي پهريون ماڻھو هو، جنهن 1978ع ۾ هاءِ اسڪول ڍوري ناري لڳ واٽر جي ڪپ تي ڪنهن ٿري شاگرد کي ڪپڙا ڌوئندي ڏسي هاءِ اسڪول جي پراڻن دوستن نور محمد جادماڻي، جيڪو بعد ۾ چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بڻيو، ڀمرومل سوٽھڙ حال رهندڙ ڪئناڊا، خير محمد مڱريو، لکاڏنو مڱريو، جيئند ساند، ڀڳڙو مل سونارو ۽ ٻين دوستن سان گڏجي اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن ڍورونارو جو بنياد رکيو، جنهن کي عرف عام ۾ او بي اي چيو وڃي ٿو. او بي اي جي هنن دوستن غريب شاگردن جي ڪپڙن، ڪاپين ۽ ڪتابن جا بندوبست ڪيا. هنن ٿر جي غريب شاگردن جي رهائش لاءِ مارئي هاسٽل قائم ڪري انهن جو اڌ ميس خرچ ڀرڻ شروع ڪيو، ان لاءِ او بي اي جي ھنن نوجوانن کي علائقي جي معززين کان چندا ڪري او بي اي جي پليٽ فارم تان ساليانا فنڪشن ڪرڻا پيا، انهن فنڪشنن ۾ جمن دربدر جي ڊائريڪٽرشپ ۾ بدنصيب ٿري جهڙا ڪيئي ڊراما به ٿيندا رهيا.
جڏهن انهن پروگرامن جي اسٽيجن تان مامون جمن دربدر ۽ ڏاڙھون مل گڏجي اسين غريبن جا ٻار آھيون، وطن جو آڌار ٻڌو ٻڌو سرڪار تعليم اسانکي ڏياريو….ڳائيندا ھئا ته ڄڻ اهي ٻول هر ڪنهن ويٺل جي اندر ۾ لهي ويندا هئا ۽ ويٺلن مان ڪيئي ماڻھو او بي اي جي سماجي فنڊ ۾ چندن جا اعلان ڪندا هئا، ڊرامن سان گڏ هميشه موسيقي جو پروگرام گڏ هوندو هو. جنهن ۾ سنڌ جو ڪهڙو فنڪار هو جيڪو شرڪت کان رهجي ويو هوندو. اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن جا تقريباً سنڌ جا سڀ چوٽيءَ جا فنڪار او بي اي جي اسٽيج تي پرفارم ڪندا رهيا، صدارتون ڊي سي يا ڪو ايم پي اي ۽ منسٽر ئي ڪندو هو. قبول احمد سومرو ڍوري ناري جي نوجوانن جي تعليم لاءِ سدائين فڪرمند ۽ سرگرم رهندو آيو. او بي اي جي سرپرست اعليٰ حاجي خان محمد مڱرئي جي وفات کانپوءِ هن دوستن سان گڏجي حاجي خان محمد مڱريو ميموريل پبلڪ اسڪول جو بنياد وڌو، جيڪو انتهائي ڪاميابي سان ڍوري ناري جي تعليمي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻي رهيو آھي. ڊگري ڪاليج ڍوري ناري جي قيام کان وٺي ان کي ڪاميابين جي رستي تي لڳائڻ لاءِ ٻين دوستن سان گڏ قبول احمد سومرو جون خدمتون يادگار رهنديون. ريلوي کاتي مان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ حاجي خان محمد مڱريو پبلڪ اسڪول جي اعزازي چيئرمين جي عھدي تي فائز رھيو.
جيتوڻڪ صوفي جلال ڪوري وٽ ناري پٽ جي ھن لازوال ڪردار جون ڪيئي ڪھاڻيون محفوظ آھن پر دور حاضر جو قبول احمد سومرو وڏو ڪردار ھو، جنھن وٽ ڇوڙ واھ جي ٽيل ۾ موجود نارائڻ سنگھ سوڍو جي نيو ڇور جا سانجھيرا واڻيا ڪاڪو سسپالداس ۽ سوجو مل رڳو ان ڪري ايندا ھئا جو ھو ساکيلو شخص ھوندو ھو. کين پڪ ھوندي ھئي ته ماڻھو جي پرک ۾ قبول سومرو غلطي نه ڪندو ۽ انھن جا پويان اڄ به قبول احمد سومرو جي خاندان سان واسطو نڀايو اچن. قبول احمد سومرو کان اسان جو استاد ناميارو تعليمي ماھر ۽ ڪيترن ڪتابن جو خالق سائين پونجراج ڪيسراڻي به متاثر رھيو. جيڪو چوندو آھي ته الياس ھاڻوڪي صدي ۾ ھن ناري پٽ جي ڪردارن جي مناسبت سان ڪي وڏا ماڻھو پيدا ڪيا آھن ته قبول احمد سومرو انھن مان ھڪ وڏو ڪردار آھي. ڍورونارو دڙي تي جتي ناميارو دانشور اديب مير حسن آريسر به رھي ٿو، اُتي ڀرسان قبول احمد سومرو جو گھر به موجود آھي، جتي ڪچي گھر ۾ پڪي فڪر، فلسفي ۽ دماغ ٽوڙ دنياوي علم ادب جا ڪيئي شاھڪار ڪتاب ھڪ پوري وڏي جالنگ ٻوري جيترا موجود ھوندا ھئا، جيڪي پوءِ ھن او بي اي جي لائبريري ۽ ٻين ادارن کي ڊونيٽ ڪري ڇڏيا. ھن اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان چانڊاڻ مئگزين شائع ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. اسي ۽ نوي واري دور ۾ جڏھن قومي فڪر فلسفو عروج تي ھو ته ان زماني ۾ اڃان جلال ڪوري صوفي نه بڻيو ھو ۽ اسان جو محبوب دانشور مير حسن آريسر اڃان آتش ٿري جي نالي سان ڇپبو ھو، تڏھن قبول احمد سومرو ماما جمن دربدر واري انداز ۾ ڪيترن ئي ڪورن ذھنن جي تربيت ڪري انھن کي اھم عھدن تي پُڄايو، جيڪي ايف سي پي ايس ڪري نامور ڊاڪٽر ٿيڻ کان وٺي انجنيئرنگ ۽ سول سروس جي مختلف عھدن تي پھتا ۽ پنھنجو الڳ مقام قائم ڪيو.
چون ٿا ته ناري پٽ ۾ وڏيرو عبدالواحد سومرو به پنھنجي نالي سان سڃاتو ويندو ھو. ڳالھ ٿا ڪن ته وڏيري، ضياءَ الحق جي ريل رستي ٿيل دوري وقت کيس سومراسر اسٽيشن تي ريل گاڏيءَ کي روڪرايو ته انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ضياءَ کي ٻڌايو ويو ته ڪنھن تر جي وڏيري ريل گاڏيءَ کي روڪرايو آھي، ملڻ ٿو چاھي، کيس جڏھن ملايو ويو ته ھن ٺھ پھ چيو ته ھِي جيڪا ريل پٽڙي گذري ٿي، سو منھنجو تر ۽ ڳوٺ آھي. تنھن ڪري ھتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ گھرجي ۽ پوءِ ضياءَ الحق واپس اسلام آباد پھچڻ شرط “سومراسر ريلوي اسٽيشن” جي قيام جي منظوري ڏني. سو ان ريلوي اسٽيشن سومرا سر توڙي ڀرسان موجود حاصيصر ريلوي اسٽيشنن کي آباد ڪرائڻ ۾ بابو قبول احمد سومرو جو وڏو ڪردار شامل رھيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪلر ۾ وٺجي ويل ھن پوٺن ۽ ٺيٺ لوڻياٺن علائقن ۾ زندگي ساھ کنيو ۽ لوڪ گيت “ريل گاڏي آئي ري، بمبئي رو مال لائي ري” جھڙا ساز آواز ٻُرڻ لڳا.
حاصيصر ريلوي اسٽيشن بابت کڻي ڪا ٻي تاريخ به ھُجي پر ھڪڙي تاريخ اھا به اھي ته حاصيصر ريلوي اسٽيشن حاصيص سنگھ سوڍو جي نالي سان قائم ٿيل آھي، جيڪو شھيد دودو سومرو جو پڳ مٽ يار ھو، جنھن کي ھاڻوڪي صدي ۾ دودي سومري جي نسل قبول احمد سومرو جي وارثن فقير رمضان سنھيلاڻي منگريو ۽ وڏيري عبدالواحد سومرو جي ساٿ سان آباد ڪيو. چون ٿا ته جڏھن شھيد دودي سومري حاصيص سنگھ سوڍو ڏانھن نياپو موڪلرايو ته سوڍي کي وڃي چو ته علاءُ الدين خلجي سنڌ تي حملو ڪيو آھي، مون ڏٺي پاڻي پيئجان ته ان وقت حاصيص سنگھ سوڍو راجپوتي لباس ۾ گھوٽ ٿيو ڇني ۾ ويٺل ھو ۽ ھٿ ۾ راجپوتي سنئوڻ ساٺ واري تلوار ھئي، ھن ڄاڃين کان اجازت وٺي مائٽن کي چيو ته، مونکي پنھنجي مڱ سان پردي ۾ ڪُجھ ڳالھائڻو آھي بندوبست ڪيو ويو، سوڍي چيو ته سنڌ تي ڏُکيو وقت آھي، دودي نياپو موڪليو آھي، وڃان ٿو سنڌ جي بقا لاءِ جنگ وڙھڻ، ڇا ٿي چئين؟ چون ٿا ته ڪنوار چيو ته دل سان موڪل آھي جنگ کٽي آئين ته به منھنجو ۽ ھارجي مارجي وئين ته به سوڍا تون منھنجو آھين. ان حاصيصر اسٽيشن بابت سائين عبدالواحد آريسر شاندار نثري نوٽ لکيو آھي، اھڙو جھڙو حُسن سوڍن جو سائين آريسر پارڪر ۾ موجود ان ڪجلاسر جو بيان ڪيو آھي، جنھن جو پاڻي رڳو سوڍين، راڻين، سھاڳڻين جي نيڻن مان نڪتل ڪجل جي ڪري ڪارو ٿي ويو ۽ مٿس نالو ڪجلاسر پيو. سو سومراسر کان حاصيصر ۽ ناري ڍوري کان ايٺڪڻ ۽ اُڻند تائين سموري تاريخ ۽ تھذيب ۾ جيڪي باوقار ڪردار پيدا ٿيا، تن ۾ ڍاٽ جي رڪڻ سومرن جو اھو قبول احمد سومرو به شامل آھي. جنھن جو وڇوڙو اياز عالم ابڙو جي ڊرامي ڪُن ۽ ڪنارا ۾ ڏيکاريل درياءَ بادشاھ جي وھڪرن توڙي ساڳئي ڊرامي ۾ صحرا ۾ ڊوڙندڙ اُڃاري ھرڻيءَ جيان ڪڏھن به ڪنھن کي ناھي وسرڻو. ھو پنھنجي راڄ ڀاڳ، سنگت ساٿ ۽ سنڌ جو لازوال ڪردار ھو، جنھن کي سنڌ سدائين ياد رکندي.