اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پگهار ۾ واڌ تي تنقيد بعد سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر چيو آهي ته پگهار جن وڌائي اهي واپس به ڪري سگهن ٿا، صحافين جي سوال تي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته خواجه آصف جو مان احترام ڪريان ٿو، پگهارن سان منهنجو ڪو تعلق ناهي، جيڪو حڪومت چاهي اهو ڪندي، پگهار واپس ڪرڻي آهي ته ڪئي وڃي، پگهار وڌائڻ مهل مون سان نه ڳالهايو ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن پاران تنقيد ۽ پگهار ۾ واڌ واپس وٺڻ جي مطالبي تي جواب ڏيندي اسپيڪر اياز صادق چيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان جي پگهارن کي واپس وٺڻ چاهي ٿي ته واپس ڪري ڇڏي، اسان پنهنجي پگهار پاڻ ناهي وڌائي، جن وڌائي آهي اهي واپس به ڪري سگهن ٿا، اسان کي ان جي ضرورت ناهي.