ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڳڙھي خيرو جي ملازمن 22 ھين ڏينھن به پگھارن لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ملازمن عارف حسين شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي ملازمن چيو ته سياسي بنيادن تي گذريل 6 مھينن کان اسان جو پگھارن روڪيون ويون آھن، جيڪا غريب ملازمن سان دشمني آھي، وقت جا حڪمران اسان جي ننڍڙن معصوم ٻچن جو خيال ڪيو، جيڪي ٻه ويلا مانيءَ کائڻ کان قاصر آھن، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن پگھارون جاري ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.