ميرپورخاص (بيورورپورٽ) پبلڪ هيلٿ مان ميونسپل ڪارپوريشن ۾ موڪليل ڊيلي ويجز ملازمن کي 8 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو,ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻن  اسد حبيب، شهباز، دلدار حسن ڀٽي ۽ ٻين چيو ته گذريل 7 سالن کان پبلڪ هيلٿ ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين، 8 مهينا اڳ اربن اسڪيم تحت ميونسپل ڪارپوريشن ۾ منتقل ڪيو ويو.پر هتي 8 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ سخت مهانگائي سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، جڏهن ته ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ميونسپل ڪمشنر رڳو تسليون ڏئي رهيا آهن.هن نگران وڏي وزير، صوبائي وزير بلديات ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندن پگهارون فوري طور تي ادا ڪيون وڃن ته جيئن هو هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالي سگهن.