لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسئيشن جي سڏ تي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي مڙني شعبن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ هائوس جاب ڊاڪٽرن گذريل 5 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي جي آفيس ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن ڊاڪٽر منور ڏاهاڻي، ڊاڪٽر عمران ٻرڙو، ڊاڪٽر شاهه جهان گجراڻي، عادل عباسي، ڊاڪٽر وقار کوسو ۽ ٻين چيو ته گذريل پنجن مهينن کان ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي 200 کان وڌيڪ هائوس جاب ڊاڪٽرن کي پگهارون نه ڏئي کين مشڪلاتن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. جلد پگهارون جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ سمورن شعبن جي او پي ڊيز ۽ ايمرجنسي ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.