ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل ڪراچي يوسي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي خدابخش جوکيو ۽ ٻين ملازمن چيو ته سنڌ ۾ يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪاميٽين جي گريڊ 1 کان 9 جي ملازمن کي 2 مهينن کان پگهارون ناهن مليون، هنن چيو ته ٻين کاتن جيان کين بينڪ ذريعي پگهارون جاري ڪيون وڃن