حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سيوھڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايس ڊي اي) ڄامشورو جي ملازمن 5 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي پگهارن لاءِ نعريبازي ڪئي. مظاهرين جي اڳوڻي ڪندڙ غلام شبير ٻنگ، غلام شبير باجاري، زوھيب صديقي ۽ ٻين چيو ته کين گذريل 5 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آھي. پگهارون نه ملڻ جي ڪري سندن سندن ٻار اسڪول به نٿا وڃي سگهن ۽ وٽن گهرن ۾ کاڌي پيتي لاءِ سامان به ميسر ڪونهي جنهن سبب هو سخت پريشان آهن. اهڙي صورتحال بابت انهن اختيارين آڏو به دانهون ڪيون آهن پر ڪير به سندن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته کين 5 مهينن جون رهيل پگهارون ادا ڪيون وڃن ته جيئن هو فاقاڪشي کان بچي سگهن.