ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ضلعي جي  اين سي ايچ ڊي جي فيدر استادن ۽ استادياڻين پاران پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري گذريل 22 مهينن کان پگھارن نه ملڻ خلاف مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ پگهارن جي ادائيگي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ٺٽي ضلعي جي 4 ئي تعلقن ٺٽو، ميرپورساڪرو،گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر ۾ اين سي ايچ ڊي جي سيڪنڊ فيز جي وڏي انگ ۾ فيڊر استادن، استادياڻين پنهنجن معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري مڪلي ۾ مڪلي پبلڪ پارڪ کان گذريل 22 مهينن کان پگهارن نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪري سخت نعريبازي ڪري جھوليون جھلي فوري پگهارن جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي اين سي ايچ ڊي استادن ۽ استادياڻين اڪبر جوکيو، غلام رسول پليجو، عبدالغفار ڀنڀرو، محمد خان ملاح، اسماعيل پنهور، آمنه، اميربانو جوکيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته هو گذريل 22 مهينن کان ٺٽي ضلعي جي 4 ئي تعلقن جي پرائمري اسڪولن ۾ ڊيوٽي ادا ڪري رهيا آهن، پر کين هن مهل تائين پگهارون ناهن مليون، هنن چيو ته هنن پاران پگھارن جي جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا هتان جي تعليم کاتي جي عملدارن توڙي چونڊيل نمائندن آڏو پگهارن نه ملڻ جون شڪايتون ڪري چڪا آهيون پر کين 22 مهينن جي گذرڻ باوجود هن مهل تائين پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، هنن چيو ته هنن اڳ ئي هڪ وڏو عرصو ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين انتظار ۾ گذاريو آهي ۽ جڏهن ڪورٽ فيصلو سندن حق ۾ ڏنو ۽ کين نوڪرين تي بحال ڪيو آهي ته وري هنن کي ڊيوٽين ڪرڻ جي باوجود پگھارون نه پيون ڏنيون وڃن، هنن چيو ته پگھارن لاءِ هنن ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا آهن، سندن داد رسي ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي، هنن چيو ته هو رمضان جي ڀلاري مهيني ۽ وري مٿانهن عيد اچي رهي آهي، وٽن ايترو ناهي جو هو پنهنجي ٻچن کي عيد ڪرائي سگھن، هنن چيو ته پگھارون نه ملڻ ڪري ٺٽي ضلعي جا 656 استادن ۽ استادياڻيون ۽ انهن جو خاندان فاقه ڪشي تي مجبور بڻيل آهي ۽ هو مجبور ٿي پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري ضلعي جي تعليم کاتي جي اختيارين سان گڏ هتان جي چونڊيل نمائندن صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، سيد رياض شاھه شيرازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صادق علي ميمڻ آڏو جھولي جھلي گھر ڪن ٿا ته کين فوري طور تي گذريل 22 مهينن جو پگھارون جاري ڪري وڌيڪ ڀلاري رمضان جي مهيني ۾ پريشانين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي.