حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ اسپورٽس بورڊ حيدرآباد جي ڊيلي ويجز ملازمن سنڌ حڪومت جي اعلان موجب 37 هزار پگهار نه ملڻ ۽ 6 مهينن جون رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون فرزند علي، گلاب غازي، مختيار عالم، رستم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊي اي او اسپورٽس ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو ويٺو آهي. فنانس کاتي پاران بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود پگهارون جاري نٿيون ڪيون وڃن جنهن سبب 6 مهينن جون پگهارون رهجي ويون آھن ۽ اسان غريب ملازم پنهنجي گهرن جو گذرسفر لاءِ پيسا نه هجڻ سبب پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھيون. هنن چيو ته ڊي او اسپورٽس اسپورٽس کاتي جا ڪمرا روزاني بنيادن تي ڪرائي تي هلائي رهي جنهن مان ماهوار لکين رپيا آمدني پڻ ٿي رهي. هنن مطالبو ڪيو ته رهيل 6مهينن جون پگهارون جاري ڪري سنڌ حڪومت جي اعلان موجب 37هزار ماهوار پگهار ڏني وڃي.