پگهاردار طبقي لاءِ خوشخبري: ٽيڪسز ۾ گهٽتائي، 12 لک آمدني تي 30 هزارن بدران 6000 ڀريندا

0
18
پگهاردار طبقي لاءِ خوشخبري: ٽيڪسز ۾ گهٽتائي، 12 لک آمدني تي 30 هزارن بدران 6000 ڀريندا
پگهاردار طبقي لاءِ خوشخبري: ٽيڪسز ۾ گهٽتائي، 12 لک آمدني تي 30 هزارن بدران 6000 ڀريندا

اسلام آباد:  ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ملي ويو، ٽيڪسز م گهٽتائي ڪئي وئي، 12 لک آمدني تي 30 هزارن بدران هاڻي 6 هزار رپيا ڀريندا، بجيٽ رپورٽ موجب 6 کان 12 لک پگهار تي ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو هوندي، 12 لک آمدني تي ٽيڪس جي رقم 30 هزار رپين مان گهٽائي 6 هزار ڪئي وئي. بجيٽ تقرير موجب 22 لک رپين تائين پگهار تي ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي. ان کان علاوه 22 کان 32 لک پگهار تي ٽيڪس شرح گهٽ ڪري 23 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.