اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ ٽيون نمبر وڏو شعبو بڻجي ويو، ايف بي آر دستاويزن موجب سال 2023-24ع ۾ پگهاردار طبقي کان 368 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويو، هڪ سال ۾ پگهاردار طبقي کان ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 39 ڏهائي 3 سيڪڙو واڌارو ٿيو، بينڪون وياج ۽ سيڪيورٽيز ٽيڪس ادائگي ۾ سڀ کان مٿي آهن، ايف بي آر دستاويزن موجب بجلي جي بِلز تي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ٿيو ۽ 124 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا.