حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪلهوڙن جي دور ۾ حيدرآباد ۾ قائم ٿيل تاريخي پڪي قلعي جي سٽي سروي ۾ آيل پلاٽ نمبر 14 سال اڳ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ليز ڪري ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد ۾ قديمي تاريخي ورثي پڪي قلعي جي زمين سان ٻيهر هٿ چراند شروع ٿي وئي آهي ۽ اها هٿ چراند متحده قومي موومينٽ جي اڳوڻي ضلعي ناظم ڪنور نويد جميل جي دور ٿي آهي. ڄاڻ موجب قبضا مافيا پاران گهٽي نمبر هڪ ۾ پلاٽ نمبر 1414 تي پڪي قلعي جي لڳ ڀڳ 55 فٽ جي ڊگهي ديوار ٽوڙائي 292 اسڪوائر يارڊ تي پلازه تعمير ڪرايو پئي ويو. پلازه جي تعمير لاءِ وڏا پٿر لهرائي ڀرائي لاءِ زمين کوٽرائي وئي ته معاملو ظاهر ٿي پي پيو جنهن بابت آرڪيالاجي کاتي پڪي قلعي واري آفيس ۾ دانهيو ويو. ان کانپوءِ اتي ويٺل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻئي عملي تعمير ٿيندڙ پلاٽ واري هنڌ پهچي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو هو. ذريعن موجب ڄاڻايل پلاٽ 2009ع دوران ايڇ ايم سي جي ڪچي آبادي پاران مقصود احمد سروري نالي شخص کي ليز تي ڏنو ويو هو جنهن بعد هن اهو پلاٽ محمد شوڪت نالي شخص کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي شوڪت نالي شخص تعميراتي ڪم شروع ڪرايو هو. تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن سٽي 10 جون 2009ع دوران پلاٽ نمبر 1414 جي حوالي سان مقصود خان پٽ محمد خان سروري کي نو ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پلاٽ جي ليز بابت سموريون گهرجون پوريون ڪري رقم چالان ذريعي بئنڪ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن بعد هو پلاٽ جو مالڪ ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2011ع دوران معاملو عدالت ۾ پهچڻ کانپوءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪچي آبادي ۽ تعلقه آفيسر ريگيوليشن اٿارٽي پاران عدالت ۾ بيان جمع ڪرايو ويو ته ڄاڻايل پلاٽ جي حوالي سان مقصود خان نالي شخص جي بدديانتي ظاهر ٿي چڪي آهي ان ڪري سندس جاري ليز وارا ڪاغذ رد ڪيا وڃن جنهن بعد ڪجهه عرصو ڪيس هليو ۽ بعد ۾ التويٰ جو شڪار ٿي ويو ۽ هاڻي اوچتو ڄاڻايل شخص جي پلاٽ تي شوڪت نالي شخص پهچي دعويٰ ڪئي آهي ته پلاٽ سندس نالي تي آهي ۽ هو مالڪ هئڻ سبب اتي رهائشي پلازه تعمير ڪرائيندو.