ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي سرڪار جي پراجيڪٽ اين سي ايچ ڊي ۽ بيڪس تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قائم ڪيل اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ مرد ۽ عورت استادن ريگيولر نه ڪرڻ ۽ سندن سروس اسٽرڪچر جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن خلاف ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ بعد سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان پوليس ۽ استادن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس 7 استادن کي گرفتار ڪري ٻين کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استادن مظھر چانڊيو  ۽ ٻين چيو ته بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول ۽ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾4425  استاد  1996ع کان فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، تعليم کاتي جي اختيارين اسان لاءِ تڪراري  پاليسي جوڙي رٽائرمينٽ واري عمر 55 سال مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته بنيادي پگهار 25 هزار مقرر ڪري هر سال رڳو 5 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو آهي، رٽائرمينٽ وقت استادن کي پينشن يا گريجوئيٽي نه ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان کي 7 مهينن کان پگهارون به نه پيون ملن، هنن مطالبو ڪيو ته ٻين استادن  جيان کين سروس اسٽرڪچر، پينشن سميت سمورا فائدا ڏئي ستن مهينن جون روڪيل پگهارون جاري ڪيون وڃن. هنن چتاء ڏنو ته اڄ نوٽيفڪيشن واپس وٺي  سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اهي وزيراعلي هائوس ڏانهن ٻيهر احتجاجي مارچ ڪندا، هوڏانهن پوليس رات دير سان گرفتار ڪيل استادن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو.