ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي جي ڊينگي ڪنٽرول پروگرام جي ملازمن پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عبدالبساط ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اسان 2017ع  ۾ ٽيسٽ پاس ڪري ملازمت حاصل ڪئي، 2020ع  ۾ صحت کاتي ڊينگي ڪنٽرول پروگرام کي مستقل پروگرام ڪرڻ باوجود ملازمن جو ڪانٽريڪٽ وارو سلسلو جاري رکيو، ھن ڀيري جون ۾ ڪانٽريڪٽ  پورو ٿيڻ بعد نئين ڪانٽريڪٽ  توڙي برطرفي جو ڪو به لکت ۾ آرڊر جاري ناھي ڪيو ويو،  آفيسر زباني طور چون ٿا ته اوهان جي نوڪري ختم آھي،  ھنن مطالبو ڪيو ته کين بحال ڪيو وڃي،